اسلام آباد – 28 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ت??جڪ??تان سان واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻنهي ڀائر ملڪن جي ترقي جي لاءِ واپار ۽ سيڙپڪاري وڌائڻ جي لاءِ قدم کنيا وڃن، پاڪستان ”ويزن وچ ايشيا“ پاليسي تحت سمورن وچ ايشي??ئي رياستن سان بهتر، نتيجاخيز ۽ پائيدار رابطا قائم ڪرڻ چاهي ٿو، پاڪستان وچ ايشيا سان سياسي، اقتصادي ۽ توانائي جي شعبن ۾ رابطا مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهي، ڪاسا 1000 توان??ئي منصوبو ويزن وچ ايشيا جو هڪ اهم جز آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي ت??جڪ??تان جي لاءِ نامزد سفير محمد سعيد سرور سان ڳاله??ئي رهيو هو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان جا ت??جڪ??تان سان گهرا تاريخي ۽ ثقافتي رابطا آهن، ت??جڪ??تان ۾ پاڪستان جو سفير توان??ئي ۽ واپاري لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ لاءِ ڪم ڪري، نامزد سفير ت??جڪ??تان ۾ پاڪستان جي اميج کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ ڪم ڪري. صدر ٻنهي ملڪن جي تعليمي ادارن جي وچ ۾ علمي رابطا قائم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته تاجڪ شاگرد ورچوئل يونيورسٽي ۽ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جي تعليمي مواد تائين پهچ حاصل ڪري فائدو کڻي سگهن ٿا. صدر ڀارت جي اقليت دشمن ۽ مسلمان دشمن پاليسين کي اجاگر ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته ڀارتي سيڪيورٽ?? فورسز پاران ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڪيل ظلمن کي پڻ ??جاگر ڪيو وڃي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي محمد سعيد سرور کي ت??جڪ??تان ۾ بطور پاڪستان جي سفير مقرري تي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته نامزد سفير ڀائر ملڪ ت??جڪ??تان سان ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ ڪم ڪري.