ڪراچي – 10 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سينيئر صحافي طاهر نجمي جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. بلاول هائوس ميڊيا سيل پاران جاري بيان موجب بلاول ڀٽو زرداري تعزيتي پيغام ۾ چيو ته طاهر نجمي جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي دلي صدمو پهتو آهي، ??اهر نجمي مرحوم محنتي صحافي هو، سندس لاڏاڻو صحافت جي ش??بي جي لاءِ تمام وڏو نقصان آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته دعاڳو آهيان الله تعاليٰ ??رحوم کي جنت ۾ اعليٰ ??قام عطا فرمائي. هن سوڳوار خاندان سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ صبر جميل جي دعا ڪئي.