اسلام آباد – 06 – في??روري (اي پي پي) پاڪستان شام ۾ زلزلي جي نتيجي ۾ ٿيندڙ نقصانن تي گهري افسوس جو اظهار ڪندي ڀائر ملڪ کي هر ممڪن امداد فراهم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام شام ۾ ايندڙ هڪ ٻئي پٺيان ٻن زلزلن جي ڪري وڏي پئماني تي تباهي تي انتهائي ڏک ۽ صدمي ۾ آهي. ترجمان چيو ته ا??ان سوڳوار خاندانن ??ان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪريون ٿا ۽ زخمين جي جلد صحتيابي جي دعا ڪريون ٿا. پاڪستان ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ پنهنجي شامي ڀائرن ۽ ڀينرن ??ان يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿو ۽ امدادي سرگرمين ۾ هر ممڪن تعاون جي لاءِ تيار آهي.