اسلام آباد– 25 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري جي گرفتاري کي غيرسياسي قرار ڏيندي چي?? آهي ته فواد چوڌري ال??ڪشن ڪميشن جي ميمبرن ۽ انهن جي ٻارن کي کلي عام ڌمڪيون ڏنيون جنهن تي ال??ڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري فواد چوڌري جي خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرائ??، ان جي گرفتاري کي سياسي رنگ ڏيڻ جي ڪوشش نه ڪئي وڃ??، اسان گذريل 9 مهينن کان حڪومت ۾ آهيون ۽ انهن جون زبانون ٻُڌي رهيا آهيون، اسان کي سياسي گرفتاريون ڪرڻيون هجن ها ته عمران خان، فواد چوڌري سميت پي ٽي آءِ جي پوري قيادت هن وقت جيلن ۾ هجي ها، ادارن کي ڌمڪائڻ، گاريون ڏيڻ تي عمران خان ۽ تحريڪ انصاف جي ترجمانن کي ڇوٽ ڏني وئي ته پوءِ اها ڇوٽ پاڪستان جي 22 ڪروڙ عوام ۽ هر سياسي پارٽي کي ڏيڻي پوند??، اهو نه ٿو ٿي سگهي ته هڪ شخص کي کلي ڇوٽ حاصل هجي، عوام، عدليه ۽ ادارن کي فيصلو ڪرڻو پوندو ته ڪٿي لڪير ڪڍڻي آهي، گذريل 10 مهينن ۾ ڪنهن صحافي جي پيٽ ۾ نه گولي نه پسليون ٽوڙيون ويون، عمران خان پنهنجي دور ۾ صحافين جي آواز کي دٻائڻ جي لاءِ هر حربو اختيار ڪيو، جيڪو صحافي ان جي خلاف ڳالهائيندو هو، اهو اڳئين پروگرام نه ڪري سگهندو هو، صحافين جي پيٽ ۾ گوليون هنيون وينديون هيون ۽ ان وقت جي اطلاعات وارو وزير چوندو هو ته بلڪل ٺيڪ ٿيو آهي. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته صبح کان ٽي وي اسڪرين تي پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري جي گرفتاري جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه هلي رهي آهي، ڪجهه ماڻهو ان گرفتاري کي سياسي رنگ ڏيڻ ۽ ان کي اظهار راءِ جي آزادي سان ڳنڍڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. هن چي?? ته فواد چوڌري جي گرفتاري سياسي نه آه??، ان جي خلاف ال??ڪشن ڪميشن سيڪريٽري ڪوهسار ٿاڻي ۾ ايف آءِ آر داخل ڪرائي آهي، فواد چوڌري ال??ڪشن ڪميشن جي خلاف بيان ڏنا، ال??ڪشن جي ميمبرن جي ٻارن کي کلي عام ڌمڪيون ڏنيون. هن چي?? ته اسان گذريل 9 مهينن کان حڪومت ۾ آهيون، فواد چوڌري سميت پي ٽي آءِ جي ماڻهن اسان جي خلاف جيڪا زبان استعمال ڪئ??، ان تي اسان کي جيڪڏهن سياسي گرفتاريون ڪرڻيون هجن ها ته اهي ماڻهو ڪڏهن کان جيلن جي پٺيان هجن ها. هن چي?? ته عمران خان 2018ع کان 2022ع تائين اختيارن جو ناجائز استعمال ڪيو. هن پنهنجي سياسي مخالفن کان سياسي انتقام ورتو، نواز شريف کي اقامي تي گرفتار ڪيو ويو، کيس نااهل ڪري پارٽي صدارت تان هٽايو ويو، ان کي سياسي انتقام چي?? ويندو آهي. هن چي?? ته نواز شريف ڪڏهن به ادارن جي سربراهن جي ٻارن، انهن جي خاندانن کي ڌمڪيون ۽ گاريون نه ڏنيون، نواز شريف پنهنجي ڌيءَ سان گڏ روزاني جي بنياد تي نيب جي عدالت ۾ پيشيون ڀوڳي رهيو هو، عمران خان جي حڪم تي نيب ۽ پنجاب پوليس نواز شريف جي ڌيءَ جي گهر تي گهيراءُ ڪيو، منهنجي موجودگي ۾ شاهد خاقان عباسي کي گرفتار ڪيو ويو، عمران خان بنا وارنٽ گرفتاريون ڪري سياسي انتقام ورتو. هن چي?? ته عمران خان جا ترجمان ۽ ان جا وزير انهن ئي جاين تي ويهي گرفتاري کان اڳ اعلان ڪندا هئا ته ٻن ڏينهن کانپوءِ راڻا ثناءُ ال??ه ۽ ڪيپٽن صفدر گرفتار ٿيڻو آهي. هن چي?? ته حڪومتي پريس ڪانفرنسن ۾ اعلان ڪيا ويندا هئا ته ڪهڙو ماڻهو ڪڏهن گرفتار ٿيڻو آهي. هن چي?? ته اسان گذريل 9 مهينن کان حڪومت ۾ آهيون ۽ انهن جون زبانون ٻڌي رهيا آهيون، اسان سياسي صبر جو مظاهرو ڪيو آه??، اسان تنقيد ٻڌڻ ڄاڻون ٿا. اسان کي خبر آهي ته اهي ڪوڙ ڳالهائين ٿا. اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته پي ٽي آءِ پنهنجي آفيشل پارٽي اڪائونٽ تان پاڪ فوج جي شهيدن جي خلاف مهم هل??ئ??، انهن ميڊيا چي??لز کي استعمال ڪري پاڪ فوج ۾ بغاوت پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ اهو سڀ ڪجهه انهن اعلان ڪري ڪيو. هن چي?? ته ڪو سياستدان ڪنهن سياستدان جي گرفتاري تي خوش ناهي ٿيندو، اهو جمهوريت جي روح جي خلاف آهي، فواد چوڌري جي گرفتاري سياسي نه آه??، ان فرق کي سمجهڻو پوندو. هن چي?? ته فواد چوڌري جي خلاف ايف آءِ آر ڪنهن سياسي پارٽي نه ال??ڪشن ڪميشن آف پاڪستان ڪٽرائي آه??، اليڪشن ڪميشن جو سيڪريٽري ان ايف آءِ آر جو مدعي آه??، ان ايف آءِ آر ۾ ڪنهن سياسي پارٽي جو نالو نه آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته عمران خان جڏهن فارن فنڊنگ ۾ پڪڙيو ويو ته هن ال??ڪشن ڪميشن کي ڌمڪائڻ شروع ڪري ڇڏيو، هن ال??ڪشن ڪميشن کي ڌمڪيون ڏنيون ته جيڪڏهن اسان کي نااهل ڪيو ويو ته انهن جي ٻارن کي نه ڇڏيو ويندو، پي ٽي آءِ پنهنجي چار سالن ۾ اهو ئي رويو اختيار ڪيو، اڄ عوام، ميڊيا ۽ ادارن کي فيصلو ڪرڻو پوندو ته ڪٿي لڪير ڪڍڻي آه??، اهو نه ٿو ٿي سگهي ته عمران خان گاريون ۽ ڌمڪيون به ڏي ۽ ان کي ڇوٽ به ملي. هن چي?? ته انهن ماڻهن پنهنجي دور ۾ ميڊيا جي ماڻهن کي ڌمڪيون ڏنيون، انهن جي خلاف ڪو صحافي هڪ لائين به ڳالهائيندو هو ته اڳئين ڏينهن اهو پروگرام نه ڪري سگهندو هو، جڏهن ان جي خلاف ڪو صحافي لکندو هو ته ان جو قلم ۽ هڏيون ٽوڙيون وينديون هيون، ان جي ٻارڙين جي اسڪولن جي ٻاهران انهن کي اغوا ڪيو ويندو هو، صحافين جي پيٽ ۾ گوليون هنيون وينديون هيون ۽ اهي ماڻهو ٽوئيٽ ڪري چوندا هئا ته اسان بلڪل ٺيڪ ڪيو آهي. مريم اورنگزيب چي?? ته انهن پنهنجي دور ۾ پوري اپوزيشن کي بنا وارنٽ جيلن ۾ وڌو، فريال ٽالپر کي عيد واري ڏينهن جيل ۾ وڌو ويو، مريم نواز کي ٻه ڀيرا گرفتار ڪيو ويو، شهباز شريف کي جيل ۾ نماز جي لاءِ ڪرسيءَ تائين نه ڏني ويندي هئي، راڻا ثناءُ ال??ه کي هيروئن جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو، نه هيروئن جي بيگ ملي نه هيروئن، جيل جي ٻاهران راڻا ثناءُ ال??ه جي گهرواريءَ کي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويهاريو ويندو هو. هن چي?? ته عمران خان جن ماڻهن کي گرفتار ڪيو انهن عدالتن ۾ وڃي پنهنجا ڪيس وڙهيا، عمران خان طيبه گل کي اغوا ڪري ماڻهن جي خلاف ڪيسز ٺاهيا، ادارن کي ڌمڪيون ڏنيون، شهيدن جي خلاف مهم هل??ئي. هن چي?? ته جيڪڏهن سياسي گرفتاري ڪرڻي هجي ها ته 9 مهينن ۾ ٿي وڃي ها ڇو ته اسان وٽ به اهڙي طرح طاقت، اختيار، قانون، ڪرسيءَ ۽ عهدو آهي جهڙي طرح عمران خان وٽ هو ۽ عمران خان ان جو ناجائز استعمال ڪري سياسي مخالفن کي جيلن ۾ وڌو هو. هن چي?? ته عمران خان توشه خان چوري ۾ پڪڙيو ويو ۽ ال??ڪشن ڪميشن کي گاريون ڏنيون ته مون کي نااهل ڪري ڏيکاريو، هي سيشن جج کي ڌمڪائڻ کانپوءِ کيل عام گهمندو رهيو ته مون کي گرفتار ڪري ڏيکاريو، عمران خان چي?? ته جيڪڏهن مون کي نااهل ڪيو ويو ته آئون ڪنهن کي نه ڇڏيندس، اهو ڪهڙي قسم جو رويو آهي؟ هن چي?? ته جيڪڏهن عمران خان ۽ تحريڪ انصاف جي ترجمانن کي اهڙي طرح جي رويي جي باوجود ڇوٽ ڏني وئي ته پوءِ اها ڇوٽ پاڪستان جي 22 ڪروڙ عوام ۽ هر سياسي پارٽي کي ڏيڻي پوند??، اهو نه ٿو ٿي سگهي ته هڪ شخص کي کليل ڇوٽ حاصل هجي. هن چي?? ته جڏهن شهباز شريف نيب جي عدالت ۾ ويندو ۽ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندو هو ته ان وقت وڏي آواز ۾ لائوڊ اسپيڪر وڄايا ويندا هئا ته جيئن شهباز شريف جو آواز ميڊيا تائين نه پهچي سگهي. هن چي?? ته نواز شريف پنهنجي ڌيءَ جو هٿ پڪڙي عدالت ۾ ايندو هو، سڀني کي خبر هئي ته ڪيس ڇا آه??، ان وقت ڇو نه چي?? ويو ته اهو غلط ٿي رهيو آهي. نواز شريف ٽي ڀيرا جو چونڊيل وزيراعظم هو، جيڪڏهن هو عدالت ۾ پيش ٿي سگهيو پئي ته عمران خان ڇو پيش نه ٿو ٿي سگهي، عمران خان کي جڏهن نوٽيس ڏنو وڃي ٿو ته هو بجاءِ پاڻ حاضر ٿيڻ جي وڊيو لنڪ جي سهاري عدالت ۾ پيش ٿئي ٿو. هن چي?? ته اڄ 24 چي??ل وارن کي گاريون ڏنيون ويون، جيڪا ميڊيا انهن جي خلاف ڳالهه ڪري ان کي گار ۽ ڌمڪي ڏني وڃي ٿي. هن چي?? ته عمران خان جيڪو ڪجهه اسان سان ڪيو، جيڪڏهن اسان کي بدلو وٺڻو هجي ته اڄ سڄي جي سڄي پاڪستان تحريڪ انصاف جي قيادت جيلن جي پٺيان هجي ها. هن چي?? ته اسان ال??ه جي فضل ۽ ڪرم سان 40 سالن جو حساب ڏنو آهي، عمران خان پنهنجي چار سالن جو حساب ڏي، جڏهنان کان حساب ورتو وڃي ٿو ته هي گارگند تي لهي اچي ٿو. هن چي?? ته اهو نه ٿو ٿي سگهي ته توهان قانون جي خلاف ورزري ڪيو، اداري جي سربراهن جي ٻارن ۽ فيمليز کي پنهنجي سياست ۾ گهيليو. هن چي?? ته اسان دل، جذبو ۽ صبر رکون ٿا، توهان اسان تي ڳالهه ڪريو، اسان ان جو سياسي جواب ڏينداسين. هن چي?? ته ملڪ هن وقت عمران خان جي ڪري معاشي عدم استحڪام جو شڪار آهي، عمران خان آءِ ايم ايف سان سخت شرطن تي معاهدو ڪيو، هن سبسڊيز کي ريورس ڪيو، مهانگائي کي 2.4 سيڪڙو مان وڌائي 16 سيڪڙو تائين پهچايو. هن چي?? ته عمران خان نواز شريف ۽ شهباز شريف جي بغض ۾ بيوروڪريسي تائين کي نه ڇڏيو. هن چي?? ته جيڪڏهن اڄ ادارن کي عمران خان کي ڇوٽ ڏيڻي آهي ته پوءِ اها ڇوٽ مريم اورنگزيب کي به گهرجي ڇو ته منهنجي ليڊر کي هڪ اقامي تي نااهل ڪيو ويو. هن چي?? ته جنهن جي لٺ ان جي مينهن جو ماحول نه هلندو، اها اظهار راءِ جي آزادي نه آهي، جيڪڏهن اها اظهار راءِ جي آزادي آهي ته پوءِ اها سڀني جي لاءِ هجڻ گهرجي. هن چي?? ته عمران خان سائفر، امپورٽيڊ حڪومت، رجيم چي??ج، حڪومت بدلائي ڇڏي جهڙا بيانيا اختيار ڪيا ۽ هاڻي چئي رهيو آهي ته منهنجي حڪومت محسن نقوي ڪيرائي هن چي?? ته ال??ڪشن ڪميشن قانون ۽ آئين تحت پنهنجو اختيار استعمال ڪندي محسن نقوي کي چي?? منسٽر پنجاب لڳايو، پي ٽي آءِ جيڪي نالا ڏنا انهن ٻنهي ماڻهن معذرت ڪري ڇڏي ته اسان کي توهان جو وڏو وزير ناهي بڻجڻو، اسان جيڪي نالا ڏنا انهن تي هي رضامند نه ٿيا ته پوءِ ال??ڪشن ڪميشن پنهنجو اختيار استعمال ڪندي چي?? منسٽر جو فيصلو ڪيو جنهن کانپوءِ هن چي?? منسٽر جي ٻارن کي گاريون ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيون، ان جي فيمليز کي به گاريون ڏنيون پيون وڃن. هن چي?? ته هي ڪهڙي قسم جو رويو آهي؟ هن چي?? ته ال??ڪشن ڪميشن قانون موجب ايف آءِ آر داخل ڪرائي آهي ته هي شخص اسان کي ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي. هن چي?? ته جيڪڏهن اسان کي سياسي گرفتاري ڪرڻي هجي ها ته سڀ کان پهرين عمران خان کي گرفتار ڪريون ها، انهن جاين تي استعمال ڪريون پر اسان ائين نه ڪيو. هن چي?? ته اڄ عدالتن، سياستدانن ۽ عوام کي ان سلسلي کي گڏجي روڪڻو پوندو. صحافين جا جواب ڏيندي هن چي?? ته عمران خان پنجاب اسيمبلي ختم ڪرڻ جي ڪاوڙ ال??ڪشن ڪميشن تي ڪڍي رهيو آه??، اليڪشن ڪميشن پنهنجو آئيني اختيار استعمال ڪندي وڏو وزير لڳايو آهي. هن چي?? ته فواد چوڌري جي وڊيو ڪلپ ان لاءِ ميڊيا کي ڏيکاري آهي ته ان جي گرفتاري سياسي نه آه??، اسان سياسي گرفتاريون ڀوڳي چڪا آهيون، ڪير نه ٿو چاهي ته پيءُ جي سامهون ڪنهن جي ڌيءَ گرفتار ٿئ??، ان کي عدالتن ۾ گهيليو وڃ??، ان تي آواز لڳايا وڃن. هن چي?? ته عمران خان جي دور ۾ عرفان صديقي کي رات جي اونداهي ۾ گرفتار ڪري جيل ۾ وڌو ويو، آئون جڏهن عرفان صديقي کي اڊيالا جيل مان وٺڻ ويس ته هي ايترا بزدل هئا جو انهن پٺئين رستي تان عرفان صديقي صاحب کي موٽرسائيڪل تي ويهاري پيٽرول پمپ تي ڇڏيو، انهن ۾ ايتري همت نه هئي جو اهي عرفان صديقي کي سامهون واري رستي تان آڻي سگهن. هن چي?? ته عمران خان وانگر اسان اختيارن جو ناجائز استعمال نه ٿا ڪريون، جيڪڏهن اڄ ڪير به اهڙو اختيار استعمال ڪندو ته اهو هن ملڪ جي بقاءَ ۽ ملڪ جي نظام جي لاءِ خطرناڪ هوندو. هڪ سوال تي هن چي?? ته اسان عدالتن ۾ پيش ٿي پنهنجي ڪيسن کي منهن ڏنو، عمران خان جي اندر همت نه آهي هو عدالتن ۾ پاڻ پيش ٿي سگهي. هن چي?? ته رڳو هڪ ڪيس ۾ عمران خان اسڪائپ جي ذريعي پيش ٿيو ۽ شوڪت خانم اسپتال جي خيرات جي پئسن کي هائوسنگ سوسائٽي ۾ انويسٽ ڪرڻ جو اعتراف ڪيو. هڪ ٻئي سوال تي هن چي?? ته جڏهن ابصار عالم جي پيٽ ۾ گوليون هنيون ويون ۽ اسد طور جون پسليون ٽوڙيون ويون ته ان وقت جي اطلاعات واري وزير چي?? هو ته بلڪل ٺيڪ ٿيو آه??، اهڙي قسم جي اظهار جي آزادي جي ڪا اجازت نه هجڻ گهرجي. هن چي?? ته فواد چوڌري جي خلاف ڪوهسار ٿاڻي ۾ ال??ڪشن ڪميشن درخواست ڏني جنهن تي اسلام آباد پوليس ايڪٽ ڪيو آهي. هڪ ٻئي سوال تي هن چي?? ته ملڪ ۾ سياسي نظام ڪنهن قسم جي ڊيڊ لاڪ طرف نه وڌي رهيو آه??، اسان پي ٽي آءِ جي تباهه ڪيل معيشت کي ٺيڪ ڪري ال??ڪشن ۾ وينداسين. هن چي?? ته پي ٽي آءِ گوڙ ڪندي ڇو ته اهي چاهين ٿا ته معاشي تباهي ٿئ??، اها انهن جي اڻ مڪمل ايجنڊا آهي جنهن ۾ اهي ڪامياب نه ٿي سگهيا. انهن پنهنجي چئن سالن ۾ مهانگائي کي 2.4 سيڪڙو مان 16 سيڪڙو تائين پهچايو، اهي ملڪ کي ڊيفالٽ ڪرڻ چاهيندا هئا، انهن پنهنجي چار سالن دوران ڪو ڪم نه ڪيو، ان وقت به سياسي عدم استحڪام هو ۽ اڄ به هي چاهين ٿا ته سياسي عدم استحڪام هجي. هن چي?? ته عمران خان پنهنجي مرضي سان پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جون اسميبليون ٽوڙيون، آئين موجب پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جا وڏا وزير مقرر ٿي چڪا آهن، ملڪ ۾ ڪو سياسي ڊيڊ لاڪ نه آهي، هڪ غنڊي ۽ سياستدان ۾ فرق هجڻ گهرجي. هن چي?? ته عوام فڪر نه ڪري، مشڪل حالتون ضرور آهن، جن ماڻهن اهي مشڪل حالتون پيدا ڪيون آهن اڄ اهي هن ملڪ ۾ عدم استحڪام چاهين ٿا. هن چي?? ته انشاءَ ال??ه مسلم ليگ (ن) اڳ وانگر نه رڳو ملڪ مان مهانگائي ختم ڪندي پر ملڪ کي ترقي جي رستي تي گامزن ڪندي.