اسلام آباد– 19 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان ۽ چين خنجراب بارڊر کي ٻن مرحلن ۾ عارض?? طور کولڻ تي اتفاق ڪيو آهي. اها ڳالهه پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ ٻڌائي. هن چيو ته پهرين مرحلي ?? خنجراب بارڊر ٻن ڏينهن جي لاءِ 19 ۽ 20 جنوري تي ۽ ٻئي مرحلي ?? هن سال جنوري جي آخر کان فيبروري جي شروع ??ائين چين جي بهار جي تهوار کانپوءِ کلندو. پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ خنجراب بارڊر هر سال سردين جي مهينن ۾ بند رهي ٿو. چين مقامي واپارين جي سهولت لاءِ سرحد کي عارض?? طور ٻيهر کول?? جي پاڪستاني درخواست تي اتفاق ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته اسان خراب موسمي حالتن جي باوجود بارڊر آپريشنز کي يقيني بڻائ?? جي لاءِ ٻنهي طرفن جي سرحدي عملدارن جي خصوصي ڪوششن کي ساراهيون ٿا.