اسلام آباد – 19– ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف توانائي جي شعبي ۾ گر??شي قرضن کي گهٽ ڪرڻ، سڌارن جو عمل مڪمل ٿيڻ ۽ بجلي ۽ گئس صارفين تي اضافي با?? نه وجهڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته موثر حڪمت ع??لي سان ان مسئلي تي ضابطو آندو ويندو، توانائي بچ?? پلان اڄ اڱاري ڏينهن وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ پيش ڪيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن توانائي جي شعبي جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ بجلي ۽ گئس جي شعبن ۾ موجود گر??شي قرضن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ ٺوس حڪمت ع??لي جوڙڻ جي حوالي سان غور ڪيو ويو. وزيراعظم اجلاس دوران لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته توانائي جي شعبي ۾ موجود گر??شي قرضن کي گهٽ ڪيو وڃي. هن چيو ته مسلم ليگ (ن) جي حڪومت بهتر پاليسي جي ذريعي 2013ع کان 2018ع ۾ پنهنجي حڪومت جي دور دوران گر??شي قرضن کي مڪمل ختم ڪرڻ جو ع??لي ثبوت ڏئي چڪي آهي. وزيراعظم ان عزم جو اظهار ڪيو ته مسلسل محنت ۽ موثر حڪمت ع??لي سان اڃا به ان مسئلي تي ٻيهر ضابطو آڻي وٺنداسين. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته توانائي جي شعبي ۾ سڌارن جو عمل اهڙي طرح مڪمل ڪيو وڃي ته گر??شي قرض ترتيبوار گهٽ ٿي آخرڪار ختم ٿي وڃي. هن چيو ته سوئي گئس جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنيون بلن جي ريڪوري جي نظام کي فوري طور تي بهتر ڪن. هن هدايت ڪئي ته بجلي ۽ گئس جي صارفين تي ڪو اضافو با?? نه وڌو وڃي. وزيراعظم بجلي ۽ گئس جي بلن جي وصولي جي نظام کي به وڌيڪ موثر بڻائڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته توانائي جي شعبي جي اوڳاڙين ۾ اضافي کي يقيني بڻائڻ لاءِ سمورا ممڪن قدم کنيا وڃن، ان مقصد جي لاءِ پهچ جي نظام کي بهتر بڻايو وڃي ته جيئن بجلي ۽ گئس جي چوري ۽ زيان کي روڪي سگهجي. اجلاس ۾ توانائي بچ?? پلان جو پڻ جائزو ورتو ويو. اهو پلان اڄ اڱاري ڏينهن وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ پيش ڪيو ويندو جنهن ۾ صوبائي وڏن وزيرن کي پڻ گهرايو ويو آهي.