اسلام آباد – 21 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف ب??ون ۽ ٻين علائقن ۾ دهشتگردن جي ڪاررواين جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته دهشتگردي ذريعي پاڪستان ۾ افراتفري پکيڙڻ جي ڪڌي ڪوشش کي سختي سان منهن ڏينداسين، دهشتگردي جو مسئلو قومي سلامتي جو حساس معاملو آهي، گڏيل سوچ ۽ حڪمت عملي جي ضرورت آه??. و??را??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيرا??ظم چيو ته رياست ڪنهن به دهشتگرد گروهه يا تنظيم آڏو نه جهڪندي، دهشتگردن کي آئين ۽ قا??ون موجب منهن ڏنو ويندو. وفاقي حڪومت دهشتگردن جي ٻاهرئين سهولتڪاري ۽ پناهگاهن جو خاتمو به ڪندي، پوري قوم دلير فوج سان گڏ دهشتگردي جو خاتمو ڪري رهند??. و??را??ظم دهشتگردي جي خلاف ڪم ڪندڙ فورسز جي جذبي ۽ عزم کي خراج تحسين پيش ڪيو. وزيرا??ظم زخمين جي جلد صحتيابي جي دعا ۽ علاج جي بهترين سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته شهيدن جون قربانيون ضايع ٿيڻ نه ڏينداسين، رد الفساد ۽ ضرب عضب دهشتگردي جي خا??مي لاءِ اهم قدم هئا. هٿياربند فوج، پوليس، رينجرز ۽ ٻين قا??ون لاڳو ڪندڙ ادارن جي آفيسرن ۽ جوانن جون عظيم قربانيون وسارڻ جوڳيون نه آهن. امن امان جي بنيادي ذميواري صوبن جي آهي پر وفاق ان سنگين مسئلن تي اکيون بند نه ٿو ڪري سگه??. و??يرا??ظم چيو ته دهشتگردي جي مقابلي لاءِ صوبن سان گڏجي ڪم ڪنداسين. دهشتگردي جي خا??مي لاءِ نيشنل ايڪشن پلان تي مڪمل عملدرآمد ڪرائينداسين. صوبائي حڪومت جي صلاحيت ۽ سگهه ۾ اضافو دهشتگردي جي خا??مي ۾ اهم آه??. و??يرا??ظم چيو ته وفاق صوبن ۾ دهشتگردي جي خا??مي واري فورس ۽ ڊپارٽمينٽ جي پيشوراڻي صلاحيت بهتر بڻائڻ ۾ مدد ڪندو. خيبرپختونخواهه ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ جي نئين سر جوڙجڪ تي ڪم ڪنداسين. پنهنجي فورسز جون سموريون ضرورتون پوريون ڪنداسي??، جديد هٿيارن جي فراهمي ۽ پيشيواراڻي تربيت تي ڌيان ڏنو ويندو.