اسلام آباد – 11 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عم??ان نيازي ايبسليوٽلي فراڊ، منافق، فارن فنڊيڊ فتنو آهي، عوام ان جي فراڊ ۾ اچڻ کان بچي، ان جي شخصيت رڳو ڪوڙ تي ٻڌل آهي، صدر به کيس ڪوڙو شخص قرار ڏئي چڪو آهي. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عم??ان نيازي صبح ٻنپهرن شام ڪوڙ ڳالهائي ٿو، ان جو ڪم رڳو ڪوڙ ڳالهائڻ، ڪوڙ ڳالهائڻ جو سبق سيکارڻ ۽ ان جي تلقين ڪرڻ آهي، عم??ان نيازي جي شخصيت رڳو ڪوڙ تي ٻڌل آهي. هن چيو ته عم??ان نيازي کان سوال پڇو ته هو ٻين کان سوال پڇڻ شروع ٿي وڃي ٿو، ان کان ممنوعه فنڊنگ جو سوال ڪيو وڃي ته چوي ٿو ته ٻين پارٽين جي فنڊنگ به ٿي آهي. هن چيو ته ممنوعه فنڊنگ ڪيس جو فيصلو پي ٽي آءِ ۽ عم??ان خان جي خلاف آيو آهي، عم??ان خان ٻين پارٽين جي فنڊنگ ۽ اڪائونٽبليٽي جي حوالي سان اليڪشن ڪميشن ۾ ڪو ثبوت پيش نه ڪري سگهيو، ان جي ڪوشش رڳو هڪ بيانيو ٺاهڻ آهي ته ايترو ڪوڙ ڳالهايو جو سچ لڳڻ لڳي. مريم اورنگزيب چيو ته عم??ان نيازي کان ان جي چوري تي پڇو ته هي ٻين تي چوري جو الزام هڻي ڇڏي ٿو. هن چيو ته عم??ان خان جي صورتحال هن وقت اها آهي ته ”ياد ماضي عذاب آهي يا رب، کسي وٺ مون کان حافظو منهنجو.“ عم??ان خان چار سال تائين ملڪ جو وزيراعظم رهيو، پنهنجي اختيارن جو ناجائز استعمال ڪيو، سياسي مخالفن کي بليڪ ميل ڪرڻ جي لاءِ ڪڌا حربا اختيار ڪيا، ان وقت جي ايف آءِ اي جي ڊائريڪٽر جنرل کي پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي قيادت جي خلاف هٿ ٺوڪيا ڪيس داخل ڪرڻ تي مجبور ڪيو. طيبه گل کي وزيراع??م هائوس ۾ حبس بيجا ۾ رکيو ۽ نيب ڊي جي کي بليڪ ميل ڪيو، احتساب جي پوري مشينري ۽ رياستي طاقت جو بيجا استعمال ڪيو ۽ اڄ چوي ٿو ته مريم نواز، حسن نواز ۽ حسين نواز ڪٿي رهن ٿا. هن چيو ته جيڪڏهن عم??ان نيازي وٽ شريف فيملي جي خلاف ثبوت هئا ته ڇو پيش نه ڪيا، ايون فيلڊ ۾ نيب ڇو ثبوت پيش نه ڪري سگهيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عم??ان نيازي شهباز شريف کي ٻه ڀيرا گرفتار ڪيو، کيس ڪوٽ لکپت ۽ اڊيالا جيل ۾ رکيو پر ان جي خلاف ڪو ثبوت پيش نه ڪري سگهيو. مريم اورنگزيب چيو ته عم??ان نيازي بار بار ڪوڙ ڳالهائي الزام هڻي ٿو. هن چيو ته عم??ان نيازي پنهنجو قد وڌائڻ ۽ پنهنجي سياست چمڪائڻ جي لاءِ نواز شريف، شهباز شريف ۽ مريم نواز تي الزام هڻي ٿو، هي اهو فتنو آهي جيڪو هن ملڪ جي اندر چار سال تائين اقتدار تي قابض رهيو، بنا جاچ جي هن سياسي مخالفن کي گرفتار ڪيو، موت جي سزا جي چڪين ۾ رکيو پر انهن تي هڪ الزام ثابت نه ڪري سگهيو. هن چيو ته عم??ان نيازي وزيراع??م هائوس جي آڊيو ليڪ ٿيڻ تي عدالت سان رجوع ڪرڻ جو ڪهڙي منهن سان چئي رهيو آهي، ان تي جي آءِ ٽي ٺهي چڪي آهي، هن کي جي آءِ ٽي ۾ پيش ٿيڻو آهي. پريس ڪانفرنس ۾ عم??ان خان جون ٻه وڊيو به ميڊيا آڏو پيش ڪيون ويون. هڪ وڊيو ۾ عم??ان خان وزيراعظم ۽ وزيراع??م هائوس جي ٽيليفون ٽيپ ٿيڻ جي حق ۾ چئي رهيو آهي ته اهو پروٽيڪشن جي لاءِ آهي، هو ان کي قانوني بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي جڏهن ته ٻي وڊيو ۾ هو ان تي يوٽرن وٺندي ان جي مخالفت ڪري رهيو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عم??ان نيازي جي وڊيو ڪلپس ڏسي انسان جو عقل دنگ رهجي وڃي ٿو ته پاڪستان جي 75 سالا تاريخ ۾ هي پهريون وزيراع??م هو جيڪو وزيراعظم آفيس ۽ وزيراعظم جي رڪارڊنگ کي قانوني قرار ڏئي رهيو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته آڊيو ليڪس اچڻ کانپوءِ عم??ان نيازي جو ٻاهرئين سازش جو بيانيو دفن ٿي ويو، صدر به چئي چڪو آهي ته ڪا ٻاهرئين سازش نه ٿي، صدر علوي پي ٽي آءِ جو جنرل سيڪريٽري به رهي چڪو آهي ۽ هو عم??ان خان جي ويجهي ساٿين ۾ شمار ٿئ?? ٿو. مريم اورنگزيب چيو ته آڊيو ليڪ ۾ عم??ان خان پاڻ چيو ته سائفر سان کيڏڻو آهي، جيڪڏهن ٻاهرئين سازش ٿي هئي ته ان سان کيڏڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي؟ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عم??ان خان کي ٽيبل، ڪرسيءَ ۽ مائيڪ رکي عوام کي ٻڌائڻ گهرجي ته ٻاهرئين سازش 7 مارچ تي ٿي، 27 مارچ تائين ان سازش سان راند کيڏي، 28 مارچ تي ان ۾ فارن آفيس کي شامل ڪيو ۽ ملڪي مفاد کي داءُ تي لڳايو. عم??ان نيازي سائفر جا منٽس تبديل ڪيا، ان کي فيبريڪيٽيڊ ڪيو ۽ ان کانپوءِ ان جي ڪاپي کڻي فرار ٿي ويو. هن چيو ته عم??ان نيازي فارن فنڊيڊ فتنو ايبسليوٽلي فر??ڊ آهي جڏهن عدالت ويندو ته ڪهڙي منهن سان ويندو، ڇا هو عدالت ۾ پنهنجي وڊيو ڪلپ هلائي ٻڌائيندو ته ان وقت جو وزيراعظم جيڪو هي ڪيس عدالت ۾ کڻي آيو آهي، اهو چوندو هو ته وزيراع??م هائوس ۽ وزيراعظم جي ٽيليفون جي رڪارڊنگ ٿيڻ گهرجي جيڪو ان کي قانوني بڻائيندو رهيو ۽ چوندو رهيو ته اهو پروٽيڪشن جي لاءِ هوندو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته هي عدالت وڃڻ جو نه عم??ان خان جي جيل وڃڻ جو وقت آهي. هن چيو ته عم??ان نيازي قوم جي تقدير سان کيڏيو، هڪ ڪروڙ نوڪرين جو جهانسو ڏنو، 50 لک گهرن جو ڪوڙو واعدو ڪيو، 90 ڏينهن ۾ ڪرپشن ختم ڪرڻ جو واعدو ڪيو پر پاڻ ڪرپٽ ۽ ڪوڙو ثابت ٿيو. هن چيو ته عم??ان نيازي جڏهن اقتدار ۾ آيو ته هن صحيح ۽ غلط جي فڪر ڪرڻ کانسواءِ ملڪ جي معيشت ۽ سياست سان کيڏيو، ڪشمير جو سودو ڪيو، هي چوندو هو ته مودي کٽي ويو ته ڪشمير آزاد ٿي ويندو، عم??ان نيازي پنهنجي سياسي مخالفن جي خلاف ڪيس ٺاهڻ جي لاءِ نيب چيئرمين کي بليڪ ميل ڪيو، طيبه گل کي وزيراع??م هائوس ۾ بند ڪيو، سياسي مخالفن جي خلاف ڪيسز ٺاهيا، انهن کي جيلن ۾ وڌو ۽ عدالتن ۾ کڻي ويو پر ثبوت نه هجڻ جي ڪري انهن جون ضمانتُون ٿيون ۽ اڄ اهي سرخرو ٿيا. هن چيو ته عم??ان نيازي اڄ خوف ۾ ورتل آهي، ان جي دماغ تي گهرو اثر آهي. هن چيو ته عوام کي گهرجي ته هو ان فارن فنڊيڊ فتني کان بچي، هي ماڻهن کي بيوقوف بڻائي ٿو ۽ بند ڪمرن ۾ ويهي انهن تي کلي ٿو، هي ايبسليوٽلي فراڊ شخص آهي. هن چيو ته عم??ان خان جي ڪرپشن، چوري ۽ ڌاڙن جي ايف آءِ اي ۾ جاچ ٿي رهي آهي، جڏهن ان جي چوري ۽ سازش بي نقاب ٿئ?? ٿي ته هي پنهنجو دماغي توازن وڃائي ويهي ٿو. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته حڪومت انهن سمورن خرچن جو ڪاٿو لڳايو آهي جيڪي لانگ مارچ دوران ملڪ ۾ امن امان برقرار رکڻ تي ٿيندا. هن چيو ته عم??ان خان جي احتجاجن جي ڪري عوام جي سيڪيورٽي تي ڪروڙين رپين جو خرچ اچي ٿو، اها ??قم اسڪولن، اسپتالن ۽ ٻوڏ متاثرين تي خرچ ٿي سگهي ٿي پر اها ??قم فارن فنڊيڊ فتني جي لانگ مارچ ۽ احتجاجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ رکي ويندي. هن چيو ته عم??ان نيازي انتشار، فتنو پکيڙڻ ۽ عدم استحڪام پيدا ڪرڻ جي لاءِ وفاق تي ڪاهه ڪرڻ چاهي ٿو. هن چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ پي ٽي آءِ جي حڪومت آهي، اڄ خيبرپختونخواهه جي اندر سرڪاري ملازم رستن تي آهن، صوبو ڪنگال ٿيڻ تي آهي، صوبي وٽ پگهارون ادا ڪرڻ جي لاءِ پئسا نه آهن، اتي سرڪاري ملازمن کي پٿر هنيا پيا وڃن. هن چيو ته هن شخص پنهنجي چار سالن ۾ پنجاب جو جيڪو حال ڪيو آهي اهو به سڀني جي سامهون آهي. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته اسان جو مقصد سياسي انتقام وٺڻ هجي ها ته عم??ان نيازي 13 اپريل تي گرفتار ٿي چڪو هجي ها، عم??ان نيازي پنهنجي دور ۾ سياسي انتقام تي ماڻهن کي بنا ڪيسز جي گرفتار ڪيو هو. هن چيو ته عم??ان نيازي جي خلاف موجود ڪيسز چار پنجن مهينن جي جانچ تي ٺهيا آهن، ممنوعه فنڊنگ ۾ اليڪشن ڪميشن جو فيصلو آهي، ان جي پوري جاچ کانپوءِ قدم قانون موجب کنيا پيا وڃن. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته ميڊيا ورڪرز جي پگهارن جي ادائيگي جي حوالي سان ڪميٽي ٺاهي آهي، نوائي وقت جي ملازمن جا مسئلا به ڏسنداسين، ڪئميرا مينن سان زيادتي ٿيڻ نه ڏينداسين.