اسلام آباد – 06 – جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي س??مونڊي سياحت ۽ بليو اڪانامي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جي سمنڊ، جذيرن ۽ سامونڊي ماڳن کي عالمي معيار موجب ترقي ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته فري س??وس جي ذريعي س??مونڊي چرپر سان سامونڊي علائقن ۾ رهندڙ ماڻهن کي مناسب ۽ سستي سفري سهولتون ملنديون. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان بوٽ ريلي اينڊ فشنگ ٽورنامينٽ جي سي اي او احمد مامور اميني س??ن ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ان موقعي تي عالمي رابطن واري وزارت جو سيڪريٽري احمد حنيف اورڪزئي، ميري ٽائيم افيئرز واري وزارت، پاڪستان اسپورٽس ب??رڊ ۽ پاڪستان ٽوئرازم ڊيولپمينٽ ڪارپوريشن جا نمائندا موجود هئا. صدر چيو ته فيري س??وس سان پاڪستاني س??مان جي ٻين حصن تي چرپر جو هڪ عمل جوڳو وسيلو ميسر ٿيندو. فيري س??وس سان بندرگاهن ۽ سياحتي ماڳن جي ترقي کانسواءِ سياحت کي به فروغ ملندو. صدر چيو ته پاڪستان جي س??مونڊي پٽيءَ کي ان جي ڀرپور صلاحيتن موجب ترقي ڏيڻ گهرجي. سامونڊي علائقي جي ترقي س??ن سامونڊي علائقن ۾ معاشي س??گرمين کي فروغ ۽ مقامي آبادي کي روزگار ملندو. صدر چيو ته سامونڊي علائقي جي ترقي س??ن پاڪستان جي منفرد جيو اڪنامڪ جاگرافيائي بيهڪ کي اجاگر ڪرڻ ۾ مدد ملندي. صدر سامونڊي سفر جي فروغ لاءِ ضروري بنيادي ڍانچي جي تعمير جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته سامونڊي سفر جي فروغ لاءِ سڀني ڌرين جي مشاورت سان سازگار ماحول پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي. لاڳاپيل ادارا هڪ ٻئي س??ن ويجهي هم آهنگي س??ن ڪم ڪن. هن چيو ته باقاعده، رسمي ۽ قانوني س??مونڊي سفر کي ڪامياب بڻائڻ ۾ سڀني لاڳاپيل ادارن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ته پاڪستان عالمي س??مونڊي راندين جو مقابلو منعقد ڪرڻ ڪافي آمد??ي ڪمائي سگهي ٿو. بوٽ ريلي کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ سڀئي ڌريون گڏجي ڪم ڪن. صدر کي ان موقعي تي پاڪستان ۾ سامونڊي سياحت جي امڪانن بابت بريفنگ به ڏني وئي. صدر کي پاڪستان ۾ بليو ٽوئرازم جي امڪانن ۽ پاڪستان جي س??فٽ اميج کي بلند ڪرڻ ۾ پاڪستان بوٽ ريلي ۽ فشنگ ٽورنامينٽ جي ڪردار بابت ٻڌايو ويو. گذريل سال پاڪستان بوٽ ريلي ڪراچي کان گوادر تائين 9 بيڙين تي پنج ڏينهن ۽ چار راتين سان 650 ڪلوميٽر جو سفر ڪيو جنهن کي دنيا جي سڀ کان ڊگهي بوٽ ريلي جو نالو ڏنو ويو. پاڪستان بوٽ ريلي هڪ عالمي ايونٽ ٿيڻ وڃي رهيو آهي جنهن ۾ ڀرپاسي جي ملڪن جا ٻيڙي هلائيندڙ به شرڪت ڪن??ا.