اسلام آباد – 05 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آه?? ته موسمياتي تبديلي جي منفي اثرن کان بچڻ جي لاءِ پائيدار طرز زندگي اختيار ڪرڻ، قدرتي وسيلن جي حفاظت جي ضرورت آه??، زمين کي بچائڻ لاءِ زرخيز مٽيءَ جي حفاظت يقيني بڻائڻ، عالمي سطح تي تبديلي آڻڻ جي لاءِ حصيداري کي فروغ ڏيڻو پوندو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران ماحوليات جي عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان جاري بيان ۾ صدر چيو ته پاڪستان موسمياتي تبديلين جي لحاظ کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪن ۾ شامل آه??، موسمياتي تبديلين سان حڪومت ۽ پاڪستاني عوام کي سخت چئلينجز درپيش آه??، پاڪستان تيزي سان پ??ھڙجندڙ گليشيئرز، غيرمتوقع برساتن ۽ سوڪهڙي کان متاثر ٿيو آه??، نوجوانن کي ماحولياتي تبديلي جي چئلينج کي منهن ڏيڻ بابت تعليم ڏيڻ جي ضرورت آه??. هن چيو ته بهتر مستقبل جي لاءِ ماحول دوست طرز زندگي اختيار ڪرڻي پوندي، مون کي فخر آه?? ته ايوان صدر آءِ ايس او کان تصديق ٿيل دني?? جي ماحول دوست صدارتي آفيسن ۾ پهرين پوزيشن تي آه??. صدر عارف علوي چيو ته ايوان صدر هڪ ميگاواٽ جي سولر پاور منصوبي سان نه رڳو پنهنجي بجلي جي ضرورتن کي پورو ڪري ٿو پر قومي گرڊ ۾ به بجلي ڏي ٿو. هن چيو ته سمورن ادارن کي دعوت ڏيان ٿو ته اهي گرين پريزيڊنسي منصوبي مان سکن، توانائي جي بچت ڪن ته جيئن موثر انداز ۾ عوام جي خدمت ڪري سگهجي.