اسلام آباد – 31 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز ش??يف ٽن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي ترڪي روانو ٿي ويو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب دفاع وارو وزير خواجه محمد آصف، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، سيڙپڪاري بورڊ جو وزير چوڌري سالڪ حسين، خصوصي صلاحڪار طارق فاطمي ۽ فهد حسين به وزيراعظم س??ن گڏ آهن، وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ وزيراعظم شهباز ش??يف جو ترڪي جو اهو پهريون دورو آهي، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو به ترڪي پهچندو، دورو 31 مئي کان 2 جون 2022ع دوران وزيراعظم شهباز ش??يف جي صدر رجب طيب اردوان سان نويڪلائي ۾ ملاقات ٿيندي، جنهن کانپوءِ وفدن جي سط?? تي ڳالهين جو انعقاد ٿيندو، پاڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي سڀني رخن جو جائزو وٺڻ کانسواءِ ٻئي اڳواڻ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا، ٻئي اڳواڻ اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان گڏيل خطاب به ڪندا، صدر اردوان وزيراعظم جي اعزاز ۾ آجياڻو به ڏيندو. هلندڙ سال پاڪستان ۽ ترڪي جي و?? ۾ ??فارتي لاڳاپن جي قيام جي 75 هين سالگرهه به ملهائي پئي وڃي، دوري دوران صدر اردوان ۽ وزيراعظم شهباز ش??يف گڏيل طور تي يادگاري نشان به جاري ڪندا جيڪو ترڪي ۽ پاڪستان جي و?? ۾ ??ير معمولي ٻطرفن لاڳاپن جي ڊگهي تاريخ ۾ ان اهم سنگ ميل جي مناسبت سان تيار ڪيو ويو آهي، ترڪي جي پرڏيهي معاملن، واپار ۽ صحت وارا وزير به دوري دوران وزيراعظم س??ن ملاقات ڪندا، وزيراعظم ترڪي جي مشهور ڪاروباري ماڻهن ۽ مختلف شعب?? ۾ ??يڙپڪاري ۾ دلچسپي رکندڙ شخصيتن سان به تفصيلي ملاقات ڪندا. ترڪي جي ڪاروباري برادري جا نمائندا يونين آف چيمبرز ڪموڊيٽي ايڪسچينج (ٽي او بي بي) جو صدر وزيراعظم جي اعزاز ۾ آجياڻو ڏيندو، وزيراعظم ترڪي بزنس ڪائونسل فورم ۾ به شرڪت ڪندو، جنهن جو اهتمام ترڪي جي پرڏيهي معاشي لاڳاپن واري بورڊ (ڊي اي آءِ ڪي) جي سهڪار سان ڪيو ويو آهي، وزيراعظم انهن تقريبن جي دوران پاڪستا?? ۾ ??يڙپڪاري جي موقعن کي اجاگر ڪندو ۽ پاڪستا?? ۾ ??يڙپڪاري لاءِ ترڪ ڪمپنين جي حوصلا افزائي ڪندو ته جيئن پاڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ واپاري ۽ معاشي رابطن کي مضبوط بڻائڻ لاءِ ڪم ڪيو وڃي، مشهور پاڪستاني ڪاروباري شخصيتون انهن تقريب?? ۾ ??رڪت ڪنديون، ان موقعي تي ٻنهي ملڪن جي ڪاروباري ماڻهن جي وچ ۾ (بي ٽو بي) ملاقاتون به ٿينديون.