اسلام آباد – 23 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آه?? ته دنيا کي والاريل ڪشمير ۾ سياسي ق??دين سان ڀارتي حڪومت جي ناروا سلوڪ جو نوٽيس وٺڻ گهرجي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته مشهور ڪشميري اڳواڻ ياسين ملڪ کي دهشتگردي جي ڪوڙ?? الزامن ۾ ڀارت پاران انساني حقن جي کلي عام ??ائمالين جي خلاف احتجاج جي صدا بلند ڪندڙن جو آواز خاموش ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش آه??، هن چيو ته ان حوالي سان مودي حڪومت کان جوابدهي ٿيڻ گهرجي.