اسلام آباد – 16 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته مستقبل جو عالمي نظام اخلاقيات، انصاف ۽ انساني همدردي تي ٻڌل هجڻ گهرجي، موجوده ورلڊ آرڊر ۾ دولت ۽ طاقت کي اهميت حاصل آهي، جڏهن ته انسانيت جي ضرورت اخلاقي قدر آهن، ??ار??بارن ۾ به انهن رخن کي نظر ۾ رک??و وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ٽيلي نار پاڪستان جي اهتمام هيٺ ”اخلاقيات ۽ ??ار??بار“ جي موضوع تي سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. ٽيلي نار پاڪستان جي چيف ايگزيڪيٽو آفيسر عرفان وهاب به ان موقعي تي خطاب ڪيو. صدر ??ار??باري شعبي ۾ اخلاقي اصولن جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو ته ??ار??بار ۾ منافعي سان گڏوگڏ ورڪرن جي حقن جي تحفظ، مالياتي لحاظ کان پائيداريت، انساني همدردي ۽ انصاف جي رخن کي نظر ۾ رکڻ گهرجي. هن دنيا ۾ مختلف معاشي نظامن جي ڀيٽ پيش ڪندي چيو ته ??ار??بار منافعي لاءِ ئي ڪيو ويندو آهي، جيتوڻيڪ ان سان گڏوگڏ ٻين معاشرتي ذميدارين تي به ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي، ان حوالي سان بل گيٽس اينڊ ميلنڊا فائڊيشن جو مثال موجود آهي، هن چيو ته بدعنواني صرف مالي ناهي ٿيند?? پر ان جا ٻيا اخلاقي ۽ معاشرتي پاسا به آهن، جنهن تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي، جعلي خبرن سان ٿيندڙ نقصان به اسان جي سامهون آهن، صدر چيو ته موجوده دور ۾ ملٽي نيشنل ڪمپن??ون ملڪي پاليسين ۽ فيصلن تي اثر انداز ٿيڻ جي صلاحيت رک?? ٿيون، عالمي معاملن ۾ مفادن کي ترجيح حاصل آهي، جڏهن ته دنيا جي امن ۽ انسانيت جي مستقبل جي لاءِ اخلاقي اصولن جي بنياد تي فيصلا ڪرڻ جي اهميت آهي، ان تناظر ۾ دنيا کي هڪ نئين نظام جي ضرورت آهي، جيڪو اخلاقيات ۽ انساني همدردي جي اصولن تي ٻڌل هجي. ان کان اڳ ٽيلي نار جي سي اي او عرفان وهاب صدر جي آجيان ڪئي ۽ چيو ته ٽيلي نار کي پاڪستان ۾ پنهنجو ??ار??بار شروع ڪندي 17 سال مڪمل ٿي ويا آهن، ان مناسبت سان اسان ??ار??بار ۾ اخلاقيات ۽ شفافيت جي باري ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ جي لاءِ سنجيده ڪوششن جو آغاز ڪيو آهي.