GAMES Catalog
10 Mahjong 2 Player 2048 3d Mahjong Addition Adventure Time Alien Alphabet Animal Apple & Onion Arcade Archery Art B& W Mahjong Barbie Base Defense Baseball Basketball Batman Battleship Beat Em Up Ben 10 Bike Bingo Blackjack Board Games Boat Bowling Boxing Breaker Brick Breaker Bubble Shooter Bugs Bunny Bunnicula Car Card Cartoon Cat Chain Reaction Chess Chhota Bheem Christmas Clarence Classic Clicker Color Coloring Comics Connect 3 Connect the Dots Cooperative Cowboy Craig of the Creek Crash & Bernstein Cricket Cross the Road Crossword Darts Dennis & Gnasher Descendants Destruction Dice Digging Disney Division Dog Dominoes Dora Drawing Dress Up Driving Easter Education Environmental Escape Exclusive Fairly OddParents Fighting Filling Find Differences Fishing Flappy Bird Floogals Flying Food Football Freecell Solitaire Frozen Fungies Funny Gambling Gamer's Guide Geography Geometry Girl Golf Golf Solitaire Grabber Mahjong Grizzy & the Lemmings Gumball Gun Halloween Hand Drawn Health Helicopter Henry Danger Hexjong Hidden Object Hockey Holiday Idle Independence Day Inspector Gadget Isometric Jigsaw Puzzles Jumping Kids Kindergarten Klondike Solitaire Knife Throwing Knight LEGO Logic Looney Tunes Loud House Mahjong Mahjong Connect Mahjong Sequence Mahjong Slide Mahjong Solitaire Mao Mao Master Moley Math Maze Maze Attack Memory Merge Mighty MagiSwords Minesweeper Mobile Motorcycle Movie Mr. Bean Multiplication Muppets Music Neon New Years Ninja Nonograms Numbers Parking Path Making Pattern Penn Zero Phonics Physics Pin Pull Pinball Pirate Pixel Platform Plumber Poker Police Pool Powerpuff Girls Preschool Puzzle Pyramid Solitaire Quiz Racing Ragdoll Reading Regular Show Religious Rotate Puzzle RPG Running Rusty Rivets Sandbox Sanjay & Craig Science Scooby Doo Shooting Simulation Skateboard Slicing Slide Puzzles Slots Smurfs Snake Snow Soccer Sofia the First Sokoban Solitaire Sorting Space Spelling Spider Man Spider Solitaire SpongeBob Sports St Patrick's Day Stacking Star Star Wars Steven Universe Stickman Strategy Subtraction Sudoku Survival Swimming Sword Taffy Tangram Tank Tap Teen Titans Go Tennis Tetris Thanksgiving TMNT Tom & Jerry Tower Mahjong Traffic Management Train Transformers Tripeaks Solitaire Triple Mahjong Truck Tycoon Typing Uncle Grandpa UniKitty Valentine's Day Victor & Valentino Viking Wacky Races Water Watermelon We Bare Bears Wizard of Oz Word Word Search Zombie
گیم کی معلومات
نیا بونس سلاٹ گیم بڑا انعام کیسینو خوش قسمت انعام اسپن روزانہ انعام کے ساتھ کھیلیں بڑا خزانہ جیتیں ٹاپ انعام جیک پاٹ مقبول نئے سلاٹ گیم مشہور ایڈونچر گیم مفت سلاٹ کا تجربہ سلاٹ گیمز مفت سلاٹ مشین آن لائن جوا کیسینو کھیل بہترین سلاٹ گیمز جیک پاٹ جیتیں گیمز ڈاؤن لوڈ کریں موبائل کیسینو گیمز نئی سلاٹ مشین انعامات کے ساتھ کھیلیں سمندری ڈاکو خزانہ گیم

مخالف ڌر پاران پاڪ فوج جي خلاف هڪ مهم هلائي پئي وڃي، فضل الرحمان، نواز شريف، آصف زرداري پاڪ فوج کي ڪنٽرول ڪرڻ چاهين ٿا: چوڌري فواد حسين

image
APP76-100322 ISLAMABAD: March 10 - Federal Minister for Information and Broadcasting, Chaudhary Fawad Hussain addressing a press conference. APP

اسلام آباد – 10 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته سياسي محاذ تي حڪومت مڪمل اعتماد سان بيٺل آهي، مخالف ڌر جي چهرن مان خبر پئجي رهي آهي ته حالتون ڪيڏانهن وڃي رهيون آهن، مخالف ڌر پاران پاڪ فوج جي خلاف هڪ مهم هلائي پئي وڃي، فضل الرحمان، نواز شريف ۽ آصف زرداري پاڪ فوج کي ڪنٽرول ڪرڻ چاهين ٿا، ڊان ليڪس، ڀارتي واپارين ۽ نريندر مودي سان نواز شريف جون ملاقاتون ۽ فوج مخالف بيان ان جي عڪاسي ڪن ٿا، شريف خاندان جي سازشي سياست جو سلسلو جاري آهي، پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي آزاد آهي، پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جو فيصلو پاڪستان جي عوام کي ڪرڻو آهي، اسان جي خواهش آهي ته 23 مارچ جي تقريب کان اڳ اهي سياسي ڊراما ختم ٿي وڃن، الحمد الله هن وقت پاڪستان ۾ مڪمل اتحاد ۽ اتفاق آهي، سمورن ادارن ۽ حڪومت پاران عوام کي اهو يقين ڏياري چڪا آهيون ته پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي آزاداڻي ۽ خودمختاري تي ٻڌل ۽ ملڪي مفاد ۾ هوندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملڪي سياسي صورتحال ۽ مخالف ڌر جي بي اعتمادي رٿ جي حوالي سان اهم پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته وزيراعظم جي صدارت هيٺ بني گالا ۾ سياسي ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ وزيراعظم چيو ته سياسي محاذ تي اسان پوري اعتماد سان بيٺل آهيون ۽ وزيراعظم جو بيان حڪومت جي سياسي پاليسين مان به جهلڪي رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي سياسي ڪيمٽي جي اجلاس ۾ جنهن ڳالهه تي سڀ کان وڌيڪ ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو اها هي هئي ته مخالف ڌر جي هڪ پوري مهم آهي جيڪا پاڪستان جي فوج جي خلاف هلائي پئي وڃي، هر ڀيري اسان تنبيه به ڪئي آهي ته سياست کي ان طرح سان گندو نه ڪريو، مولانا فضل الرحمان جي ڪالهوڪي انٽرويو سان اهو سلسلو ٻيهر شروع ٿيو آهي، هن مولانا فضل الرحمان جي گفتگو وارو وڊيو ڪلپ به ميڊيا کي ٻڌايو جنهن ۾ فضل الرحمان جن ادارن ۾ سڌارن جي ڳالهه ڪئي هي اهي ئي سڌارا آهن جنهن جو اظهار نواز شريف اقتدار ملڻ تي ڪندو هو، نواز شريف اينڊ ڪمپني سدائين فوج کي ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ڪالهوڪي سوال کي به جوڙي ڏسون ته جيڪا ايجنڊا فضل الرحمان ڏئي رهيو هو اها به فوج تي ڪنٽرول حاصل ڪرڻ جي خواهشن جي ڳالهه هئي. هن چيو ته جڏهن ميمو گيٽ جو اسڪينڊل آيو هو ته ان وقت به انهي قسم جي مهم هلي وئي هئي، ميموگيٽ اسڪينڊل ۾ ان وقت جي صدر آصف علي زرداري جي حڪمن تي مشتمل وڊيو ڪلپ به ميڊيا کي ٻڌائي وئي، اطلاعات واري وزير چيو ته زرداري، فضل الرحمان ۽ نواز شريف جي فوج کي تابع ڪرڻ جي پراڻي خواب جي عڪاسي ڊان ليڪس ۽ ميموگيٽ جي ڪلپس مان ٿئي ٿي. هن چيو ته ڊان ليڪس ۾ به انهي فوج مخالف ايجنڊا جو انڪشاف ٿيو، پوءِ نواز شريف ڀارتي ڪاروباري شخصيتن ۽ نريندر مودي سان ملاقاتون ڪيون ۽ ڀارتي صحافي برکادت پنهنجي ڪتاب ۾ ان جو انڪشاف ڪيو ته کٽمنڊو ۾ نواز شريف مودي سان ملاقات ڪئي جيڪا شيڊول نه هئي، اهڙي طرح نواز شريف جي ڏوهٽي جي شادي ۾ بنا ويزا جي مودي پاڪستان اچي ويو ۽ اهو اهو ئي وقت هو جڏهن نريندر مودي پاڪستاني فوج سربراهه جنرل (ر) راحيل شريف جي باري ۾ اهو بيان ڏنو ته هو دهشتگرد آهي ۽ نواز شريف مسئلن جو حل چاهي ٿو، ان کانپوءِ انهي نريندر مودي کي پاڪستان گهرايو ويو جڏهن هن پاڪستان جي فوج جي مٿان قاتل حملا ڪيا ۽ انهي وقت مودي نواز شريف جي ڏوهٽي جي شادي ۾ شرڪت ڪري رهيو هو. هن چيو ته ان تي نواز شريف ڀارت کي ڪهڙي آڇ ڪئي ان جو انڪشاف به پاڪستان جي اڳوڻي ترجمان پنهنجي انٽرويو ۾ ڪيو. انٽرويو ۾ ان جو چوڻ هو ته شريف خاندان ڀارت نواز هو ڇو ته ان جو ڪاروبار اتي هو، حڪومت جي هڪ پراڻي پرڏيهي پاليسي رهي آهي ته ڪو به پاڪستاني سربراهه يا سينئر اهلڪار ڀارت وڃي ٿو ته حريت اڳواڻن سان ملاقات لازمي رکي ويندي آهي پر نواز شريف جڏهن دهلي ويو ته هن ڪشميري اڳواڻن سان ملاقات نه ڪئي، ان جي آفيس مان واضح هدايتون هيون ته ڪلڀوشن جو نالو پرڏيهي آفيس کي به ناهي وٺڻو، ان جو فائدو نواز شريف کي ته ٿيو هوندو پر پاڪستان کي ڪو به فائدو نه ٿيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اهي هدايتون عين ان وقت ڏنيون پئي ويون جڏهن ڀارتي وزيراعظم، پاڪستاني آرمي چيف کي دهشتگرد جو ساٿي ۽ نواز شريف کي مسئلن کي حل ڪندڙ قرار ڏئي رهيو هو، هن چيو ته ان سازشي خاندان جي سياست اتي ئي ختم نه ٿي ۽ نواز شريف ۽ سندس ڌي مريم نواز به پنهنجي مختلف بيانن ۾ فوج تي پاڻي وانگي حملا ڪيا. هن فوج جي حوالي سان جيڪي بيان ۽ نعرا لڳايا اهي به ان وڊيو ۾ ڏسي ۽ ٻڌي سگهجن ٿا جنهن ۾ مريم نواز، پرويز رشيد، خواجه سعد رفيق ۽ خواجه آصف جا بيان به ٻڌايا ويا. وفاقي وزير چيو ته بي اعتمادي جي جيڪا رٿ هنن پيش ڪئي ان ۾ اهي الزام لڳائي رهيا آهن ته يورپي يونين تي وزيراعظم تنقيد ڇو ڪئي، اسان پهرين به ان انهن کان پڇيو هو ته مخالف ڌر جو يورپي يونين سان ڪهڙو رشتو آهي، هن چيو ته وزيراعظم ته تمام آسان ۽ سادي ڳالهه چئي ۽ پڇيو ته جيڪو خط توهان پاڪستان کي لکيو ڇا اهو ڀارت يا ڪنهن ٻي ملڪ کي به لکيو آهي. هن چيو ته اسان ته پڇي رهيا هئاسين ته يورپي يونين سان توهان جو ڪهڙو رشتو آهي ان تي اڄ حمزه شهباز ۽ ان کان پهرين مولانا فضل الرحمان به چوي ٿو ته وزيراعظم يورپي يونين تي ڳالهه ڇو ڪري ٿو، دراصل انهن جا اهي بيان پاڪستان جي آزاد پرڏيهي پاليسي جي تڪليف آهي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جي عوام کي فيصلو ڪرڻو آهي ته اسان کي لنڊن ۽ يورپ ۾ پيل انهن جي پئسن جو محفاظ بڻجڻو آهي يا آزاداڻي ۽ خودمختيار پاليسي کي اڳتي وٺي هلڻو آهي. هن چيو ته هڪ طرف اهي فوج کي نشاني تي رکيو آهي ۽ ٻي طرف اهي چاهين ٿا ته اسان انجمن غلامن وانگر زندگي گذاريون. چوڌري فواد حسين چيو ته الحمد الله هن وقت پاڪستان ۾ مڪمل اتحاد ۽ اتفاق آهي، سمورن ادارن ۽ حڪومت پاران عوام کي اهو يقين ڏياري چڪا آهيون ته پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي آزاداڻي ۽ خودمختياري تي ٻڌل ۽ اسان جي ملڪي مفاد ۾ هوندي، اسان جي مفاد ۾ اهو به شامل آهي ته مغربي ملڪن جو جيڪو بلاڪ آهي اسان ان سان بهترين لاڳاپن جا حامي آهيون، هن چيو ته ان جو هر گز اهو مطلب نه آهي ته اسان ان خودمختياري کي انهن جي خواهشن جو غلام بڻائي ڇڏيون. اسان کي پنهنجي پرڏيهي پاليسي پنهنجي مفادن جي تابع رکڻي آهي. اسان جو واپار ضرور يورپ سان آهي، اسان پنهنجي غيرت کي وڪڻي واپار نه ڪري رهيا آهيون، واپار جي انهن کي به ضرورت آهي ۽ اسان کي به ضرروت آهي، واپاري لاڳاپا هڪ ٻئي جي مفاد تي ٻڌل هوندا آهن جنهن قيادت وٽ عزت نفس ئي نه هجي ته عام ماڻهو وٽ ڪهڙي عزت نفس هوندي. هن چيو ته اڄ پورو پاڪستان وزيراعظم عمران خان جي پويان بيٺل آهي ۽ انشاءُ الله اسان انهي آزاداڻي پرڏيهي پاليسي کي اڳتي کڻي هلنداسين. هن چيو ته بلاول ڀٽو جو اسلام آباد وارا ٿورو ادا ڪري رهيا آهن ته ڪيترا لانگ مارچ ايتري کل تي ختم ٿين ٿا جهڙو پيپلزپارٽي جو ختم ٿيو، ٽهڪن ۽ کل تي ٻڌل لانگ مارچ تي اسان به ان جو ٿورو ادا ڪريون ٿا، جيستائين بي اعتمادي رٿ جو تعلق آهي اسلامي پرڏيهي وزيرن جو وفد 21 مارچ تي اچڻ شروع ٿي ويندو ۽ 23 مارچ جي پريڊ ۾ او آءِ سي پرڏيهي وزير ۽ يورپي ملڪن جا وزير ۽ نمائيندا به شرڪت ڪندا، اسان جي خواهش آهي ته اهي سمورا سياسي ڊراما ان تقريب کان اڳ ختم ٿي وڃن ۽ ان کي کڻي اڳتي وڌي رهيا آهيون، هن چيو ته جهڙي طرح وزيراعظم پنهنجي بيان ۾ چيو ته اسان ان محاذ جي مٿان پُراعتماد آهيون ۽ ان جي مٿان جيڪا قانوني پوزيشن آهي بلڪل واضح آهي، اسپيڪر وٽ اهو مڪمل اختيار آهي ته هو انهن ماڻهن جا ووٽ قبول نه ڪندو جيڪي پارٽي مينڊيٽ جي خلاف ويندا ۽ آرٽيڪل 63 ان حوالي سان بلڪل واضِح آهي. هن چيو ته هن وقت 179 ماڻهن جي اسان کي مڪمل حمايت حاصل آهي ۽ اميد آهي ته 5 وڌيڪ ماڻهن جي حمايت ملندي ويندي، مخالف ڌر کي 172 ميمبر آڻڻا آهن، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته آرٽيڪل 163 تحت خلاف ورزي کي روڪڻو ئي آهي، پنجاب جي وڏي وزير کي وزيراعظم ۽ پارلياماني پارٽي جو اعتماد حاصل آهي ۽ جيستائين اهو اعتماد آهي هو وڏو وزير ئي رهندو. هن چيو ته تحريڪ لبيڪ جي پويان ڀارت کان سپورٽ ٿي رهي هئي ۽ ان جي ترديد نه آئي، آرٽيڪل 63 ون اي مختلف آهي ۽ آرٽيڪل 63 جي شق 2 الڳ آهي، آرٽيڪل 63 ون اي چوي ٿو ته جيڪڏهن هڪ ماڻهو پنهنجي پارٽي ڇڏي رهيو آهي ۽ ٻي پارٽي ۾ وڃي رهيو آهي ته ان سان گڏ ئي ان جي ڊڪليئريشن ختم ٿي ويندي آهي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اسان جي آئيني اسڪيم آهي ان ۾ فوج حڪومت سان گڏ هوندي آهي، فوج کي ته پنهنجي آئين تي عمل ڪرڻو آهي ۽ هو ان تي عمل ڪندي، جهانگير ترين ۽ عليم خان به رابطي ۾ آهن ۽ ڳالهه ٻولهه رهندي متحده قسم جو رد عمل ڏيندا.

مضمون کا ماخذ : تعداد بہت زیادہ ہے۔
متعلقہ مضامین
مزید خبریں