اسلام آباد – 23 فيبروري (اي پي پي) وز??را??ظم عمران خان روسي صدر ولادي مير پيوٽن جي خصوصي دعوت تي اڄ اربع کان روس جو ٻن ڏينهن جو سرڪاري دو??و ڪندو. وز??را??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وفا??ي وزير ۽ اعليٰ سطحي وفد پڻ دوري ۾ وز??را??ظم سان گڏ هوندا. وز??را??ظم عمران خان ۽ روس جي صدر پيوٽن جي وچ ۾ ملاقات ا?? دوري جو اهم ترين جز هوندو. وز??را??ظم عمران خان ماسڪو ۾ روس جي سڀ کان وڏي مسجد اسلامڪ سينٽر جو دو??و ڪندو. وز??را??ظم عمران خان سان اهم روسي قيادت بشمول نائب وز??را??ظم، روسي سيڙپڪار ۽ واپاري پڻ ملاقات ڪندا. صدر پيوٽن سان ملاقات ۾ وز??را??ظم عالمي ۽ خطي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندو. ملاقات ۾ روس پاڪستان لاڳاپن خاص طور تي توانائي جي شعبي تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي. اسلامو فوبيا ۽ افغانستان جي صورتحال پڻ غور هيٺ ايندي. وز??را??ظم جو دورو روس ۽ پاڪستان جي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪندو. وز??را??ظم عمران خان ٻن ڏهاڪن کانپوءِ روس جو دو??و ڪندڙ پهريون پاڪستاني وز??را??ظم آهي.