اسلام آباد – پهرين مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ پنجاب جو چيف سيڪريٽري ڪامران علي ا??ضل ?? آءِ جي پنجاب رائو سردار علي خان پڻ شريڪ هئا. ملاقات ۾ پنجاب صو??ي جي ا??تظامي ۽ امن امان جي مجموعي صورتحال سان لا??اپيل معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. وزيراعظم کي صو??ي جي ا??در جاري مختلف ترقياتي منصوبن جي اڳڀرائي تي پڻ بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم صوبي ۾ عام ماڻهو کي فوري ۽ موثر خدمتن جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ڀرپور قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي. هن عوام جي جان ۽ مال ۽ مفادن جي تحفظ جي لاءِ شرپسندن، ذخيره اندوزن ۽ قبضا ??افيا جي خلاف موثر قدم کڻڻ جي پڻ هدايت ڪئي.