اسلام آباد – 25 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وزير??عظ?? عمران خان هڪ ڀيرو ٻيهر ماسڪو ۾ پنهنجي اصولي موقف کي دنيا آڏو پيش ڪري ڇڏيو ته طاقت جو استعمال ڪنهن به تڪرار جو حل نه آهي، روس ۽ يوڪرين کي ڳالهين سان مسئلو حل ڪرڻ گهرجي. وزير??عظ?? عمران خان جي روس جي دوري تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته وزير??عظ?? عمران خان جو روس جو دورو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته پاڪستان علائقائي امن ۽ سلامتي ۽ ا??تصادي ترقي جي لاءِ تڪرارن بدران پائيدار امن جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي، پنهنجي قومي مفادن کي مٿانهون رکندي سفارتي سطح تي اسان کي پنهنجي پوزيشن مستحڪم ڪرڻ ۾ مدد پڻ ملي آهي. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته وزير??عظ?? عمران خان جي دوري جي ٽائيمنگ تي سوال اٿاريندڙن کي سمجهي ڇڏڻ گهرجي ته وزير??عظ?? وڏي مئچ جو وڏو ??انديگر آهي، ڪشمير مسئلي کان وٺي افغانستان ۽ توانائي جي شعبي ۾ تعاون، ٻطرفن لاڳاپن، اسلامو فوبيا تي ڳالهه ٻولهه ٿي، عمران خان انشاءَ الله نه ڪڏهن جهڪندو، نه پاڪستانين کي جهڪڻ ڏيندو.