اسلام آباد – 16 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ميئر پشاور جي چونڊن ۾ رد ڪيل 23113 ووٽن جو حوالو ڏيندي چيو آهي ته انهن چونڊن مان اهو واضح ٿي ويو آهي ته تبديلي جا مخالف اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي مخالفت ڇو ٿا ڪن، چونڊ نتيجن موجب جي يو آءِ (ف) جو ??مي??وار 12087 ووٽن جي فرق س??ن پي ٽي آءِ جي ??مي??وار کان کٽيو پر انهن چونڊن ۾ رد ٿيل ووٽن جو انگ 23113 آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ بلدياتي چونڊن جي نتيجن هڪ ڀيرو ٻيهر ڊبل اسٽيمپنگ ۽ ٻين سببن جي ڪري رد ووٽن جي مسئلي جي اهميت کي اجاگر ڪيو آهي. هن چيو ته 2013ع جي چونڊن تي جوڊيشل ڪميشن جي رپورٽ ۾ پڻ اها ئي ڳالهه سامهون آئي هئي. وزيراعظم چيو ته تبديلي جا مخالف انهي لاءِ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي مخالفت ڪن ٿا ڇو ته اهي مخالف ووٽن کي رد ڪرائي چونڊن ۾ هيراڦيري ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿ??. و??يراعظم ٽوئيٽ ۾ ميئر پشاور جي اليڪشن جا چونڊ نتيجا پڻ شيئر ڪيا آهن جنهن موجب جي يو آءِ (ف) جي ??مي??وار انهن چونڊن ۾ 63610 جڏهن ته پي ٽي آءِ جي ??مي??وار 51523 ووٽ حاصل ڪيا، اهڙي طرح جي يو آءِ (ف) جو ??مي??وار 12087 ووٽن جي فرق سان کٽيو پر انهن چونڊن ۾ رد ٿيل ووٽن جو انگ 23113 آهي.