اسلام آباد – 18 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فو??د حسين چيو آهي ته روزاني ڊان پيٽرول جي اگهن ۾ اضافي جي اثرن ۽ ناڻي واري وزارت جي ترجمان جي فيڪ اڪائونٽ تان ٽوئيٽ بابت خبر ته پهرين صفحي تي نمايان انداز ۾ شايع ??ئي پر اڄ ٻئي ڏينهن ان تي ڪجهه لائينن جي معذرت اندر جي صفحي تي غيرنمايان انداز ۾ شايع ??ئي، اهو رويو صحافت جي آزادي جي خلاف آهي. وفاقي وزير پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چي?? ته اهو پهريون موقعو نه آهي جو ڊان فيڪ سوشل ميڊيا جي بني??د تي پهريون صفحو ڀري ڇڏيو هجي. هن چي?? ته ڊان جي پهرين صفحي تي خبر ڏسو ۽ ان خبر تي معذورت ڪٿي ڇپي آهي، اهو به ڏسو. هن چي?? ته ان کان اڳ ڊان نيوز فيڪ ميڊيا قانون شايع ??يو ۽ ايڊيٽوريل به لکي ڇڏيو ۽ اڄ تائين معافي ناهي ورتي، اهو رويو صحافت جي آزادي جي خلاف آهي. ياد رهي ته ڊان نيوز ناڻي واري وزارت جي ترجمان جي فيڪ اڪائونٽ تان ٽوئيٽ کي بنياد بڻائي فرنٽ پيج تي خبر لڳائي هئي. چوڌري فو??د حسين ان حوالي سان ناڻي واري وزارت جي ترجمان مزمل اسلم جو ٽوئيٽ پڻ شيئر ڪيو آهي جنهن ۾ هن چيو آهي ته ڊان هٿ ٺوڪي خبر ته پهرين صفحي تي شايع ??ئي ۽ ان خبر تي معذرت اندر جي قومي خبرن جي صفحي تي شايع ??ئي. ميڊيا جو اهو طرزعمل نه هجڻ گهرجي. اخبار معذرت به انهي صفحي تي شايع ??ري جنهن تي خبر شايع ??ئي وئي هئي ٻي صورت ۾ ان جي ڪا ضرورت نه آهي.