اسلام آباد – 12 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان گذريل سال جي حل ٿيل 15 لک شڪايتن مان شهرين جي ٻيهر شڪايتن تي 2 لک 29 هزار شڪايتن ک?? ٻيهر کولڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو، شڪايتن ک?? ??ظر??اني جي لاءِ مجاز اعليٰ آفيسرن جي حوالي ڪيو وڃي. وزيراعظم آفيس پاران جاري ٿيندڙ پڌرائي موجب وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته صوبائي سطح تي ??ظر??اني جي نگراني لاڳاپيل چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي ڪن ۽ وفاقي سطح تي لاڳاپيل وزارت جا سيڪريٽري شڪايتن تي ??ظر??اني جا ذميوار هوندا. وزيراعظم وفاقي ادارن جي ڪل هڪ لک 7 هزار شڪايتن ک?? ٻيهر کولڻ جو پڻ حڪم ڏنو آهي جڏهن ته صوبائي سطح تي 80 هزار شڪايتون پنجاب حڪومت جي ماتحت ادارن جون آهن. وزيراعظم آفيس پاران اهو به ٻڌايو ويو آهي ته خيبرپختونخواهه حڪومت جي ماتحت ادارن جي 27 هزار شڪايتن ک?? کوليو ويندو ۽ سنڌ ص??بي جي 15 هزار، بلوچستان جي 3 هزار، آزاد ڪشمير جي 1100 شڪايتن تي ??ظر??اني ٿيندي، گلگت بلتستان ۾ 400 شڪايتن ک?? ٻيهر کوليو ويندو، شڪايتون ميونسپل سروسز، بجلي ۽ گئس، مواصلات ۽ تعليم جي شعبي بابت آهن، وزيراعظم آفيس جي هدايت ۾ چيو ويو آهي ته شڪايتن تي ??ظر??اني ڪري لاڳاپيل اعليٰ آفيسر رپورٽ جمع ڪرائين.