لاهور – 31 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته 400 ارب روپين جي لاڳت سان ??نج??ب جي هر خاندان لاءِ هيلٿ انشورنس فلاحي رياست پاران ملڪي تاريخ جو سڀ کان وڏو قدم آهي، مارچ 2022ع تائين ??نج??ب جي هر خاندان وٽ صحت ڪارڊ هوندو جنهن سان هو ساليانو 10 لک روپين ??ائ??ن جو علاج ڪرائي سگهندا، خيبرپختونخوا ۾ هر خاندان کي صحت ڪارڊ ڏنو ويو آهي جڏهن ته بلوچستان، آزاد ڪشمير، گگت بلتستان ۾ به هر خاندان ??ائ??ن صحت ڪارڊ پهچائينداسين. هو گورنر هائوس لاهور ۾ نئون پاڪستان قومي صحت ڪارڊ ورهائڻ جي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي ??نج??ب جو گورنر چوڌري محمد سرور، ??نج??ب جو وڏو وزير عثمان بوزدار، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، مملڪتي وزير فرخ حبيب، وزيراعظم جو خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل، صوبائي وزير ڊاڪٽر ياسمين راشد سميت وفاقي ۽ صوبائي وزير ۽ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبر به موجود هئا. وزيراعظم ان موقعي تي لاهور ڊويزن لاءِ قومي صحت ڪارڊ ورهائڻ جو آغاز ڪيو ۽ ??نج??ب جي وڏي وزير ۽ سندس ٽيم کي ان انقلابي قدم تي خراج تحسين ??يش ڪيو، وزيراعظم چيو ته ايڏا وڏا فيصلا هر ڪوئي نٿو ڪري سگهي، اڄ ??ائ??ن ڪنهن حڪومت ايڏو وڏو فيصلو ناهي ڪيو، هن ٻڌايو ته مون پهريون ڀيرو برطانيه جي دوري دوران اتي فلاحي رياست ڏٺي، فلاحي رياست اها هوندي آهي جيڪا عام ماڻهو جي بنيادي ضرورت پوري ڪندي آهي ۽ چاهي ٿي ته پورو ملڪ خوشحال هجي، اسان جي نبي ڪريم ﷺ جڏهن مديني جي فلاحي رياست ٺاهي ته ڪمزور طبقن جي ذميداري کنئي ۽ پهريون ڀيرو اهڙو ماڊل کڻي آيو پر افسوسناڪ ڳالهه آهي ته اهو ماڊل م??لم دنيا ۾ نظر نٿو اچي، اهو ڊينمارڪ، ناروي، سوئيڊن سميت يورپي ملڪن ۾ نظر اچي ٿو، وزيراعظم چيو ته الله تعاليٰ اسان کي اهو رستو ڏيکاريو آهي ته جيڪو به انسان رحمت اللعالمين ??بي ﷺ جي رستي تي هلندو الله تعاليٰ ان کي عظمت ڏيندو. هن چيو ته پوري يقين سان چئي سگهان ٿو ته پاڪستان ۾ ڪنهن به يورپي ملڪن کان وڌيڪ وسيلا آهن پر بدقسمتي سان اسان جا ماڻهو يورپي ملڪ وڃڻ لاءِ سڪندا آهن ڇو ته اتي خوشحالي آهي، هن چيو ته دنيا جي تاريخ جو واحد ملڪ جيڪو اسلام جي نالي تي ٺهيو اهو پاڪستان آهي پر اسان ان رستي تي نه هلياسين جيڪو فلاحي رياست طرف وڃي ٿو. هن چيو ته هتي حڪمرانن تقريرن ۾ ۽ ڪجهه ملڪ کي ايشين ??ائيگر بڻائڻ جو چيو پر اهو اسان کي معلوم هجڻ گهرجي ته ڪو به ايشين ??ائيگر مديني جي رياست جو مقابلو نٿو ڪري سگهي. وزيراعظم چيو ته موجوده حڪومت ان رستي تي هلي رهي آهي جيڪو قوم جي عظمت جو رستو آهي، هاڻي ??نج??ب ۾ 400 ارب روپين سان هر خاندان کي هيلٿ انشورنس ملندي ۽ اهو وقت ٻڌائيندو ته هي منصوبو ميٽرو بس، اورينج ٽرين کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ عوام کي فائدو پهچائيندو. وزيراعظم چيو ته قوم کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته الله تعاليٰ قرآن ڪريم ۾ حڪم ڏنو ته رحمت اللعالمين ﷺ جي رستي تي هلو ۽ اهو ئي رستو اسان جي لاءِ بهتري جو رستو آهي ۽ ان سان انسان تمام وڏو انسان بڻجندو آهي. عمران خان چيو ته يونيورسل هيلٿ انشورنس جو منصوبو صحت جي شعبي ۾ انقلاب آڻيندو جنهن سان هڪ هيلٿ اسٽرڪچر بڻجي ويندو ڇو ته پهرين حڪومت کي فنڊز خرچ ڪري اسپتال ٺاهڻا پوندا هئا جنهن کي موجوده دور ۾ ??نج??ب ۾ نون اسپتالن جي تعمير تي جيتري رقم خرچ ٿي رهي آهي تاريخ ۾ ان جو مثال نٿو ملي، ڄاڻايل منصوبي کانپوءِ نجي شعبو پاڻ اسپتال ٺاهيندو، ان کي حڪومت طبي اوزار جي ڊيوٽي فري درآمد، زمين جي فراهمي سميت مراعتون فراهم ڪندي. وزيراعظم چيو ته حڪومت تاريخ ۾ پهريون ڀيرو گهٽ آمدني واري طبقي لاءِ بئنڪن کان قرضن جو بندوبست ڪيو جنهن لاءِ 110 ارب روپين جا قرض منظور ٿي چڪا آهن جڏهن ته 34 ارب روپيا ماڻهن کي ملي چڪا آهن. اهڙي طرح ڪامياب پاڪستان پروگرام تحت 20 لک خاندانن کي اخوت جي ذريعي گهر ٺاهڻ لاءِ قرض ڏنا پيا وڃن جڏهن ته شهرن ۽ ٻهراڙين ۾ ڪاروبار لاءِ 5 لک روپين جا بنا وياج قرض فراهم ڪيا پيا وڃن، ان کانسواءِ احساس راشن پروگرام ۾ 54 سيڪڙو آبادي کي اٽو، گيهه، داليون 30 سيڪڙو سبسڊي سان فراهم ڪئي پئي وڃي، انهن سمورن قدمن جو مقصد اهو آهي ته مديني جي رياست جيڪو رستو ڏيکاريو اسان ان تي هلون. هن چيو ته اها ڳالهه خوشي جوڳي آهي ته ??نج??ب دليري سان هيلٿ انشورنس جي منصوبي کي شروع ڪيو ۽ اسان جي پوري تياري آهي ته ان منصوبي جي راهه ۾ ايندڙ مسئلن کي به ختم ڪنداسين ۽ مارچ تائين ??وري ??نج??ب جي گهراڻن کي هيلٿ ڪارڊ ملي ويندو. ان کان اڳ وزيراعظم عمران خان مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن ۾ قومي صحت ڪارڊ ورهايا. واضح رهي ته ??نج??ب ۾ هن وقت ??ائ??ن ڊيره غازي خان ۽ ساهيوال ڊويزن ۾ نئون پاڪستان قومي صحت ڪارڊ فراهم ڪيا ويا آهن، جڏهن ته لاهور ڊويزن ۾ پهرين جنوري 2022ع، راولپنڊي ڊويزن ۾ 20 جنوري، فيصل آباد ڊويزن ۾ 9 فيبروري، ملتان ڊويزن ۾ 22 فيبروري ۽ باقي ڊويزنن ۾ 31 مارچ 2022ع تائين ??يلٿ انشورنس فراهم ڪئي ويندي. تقريب کي ??نج??ب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار به خطاب ڪيو.