اسلام آباد – 16 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين جسٽس (ر) وجيهه الدين جي خلاف هتڪ عزت جو ڪيس داخل ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته ??يڊيا تي پٽڪا لاهڻ جو سلسلو بند ٿيڻ گهرجي، وزيراعظم جنهن شخص تي احسان ڪيو ان??ي ئي وزيراعظم جي ذات تي حملو ڪيو، جهانگير ترين جسٽس (ر) وجيهه الدين احمد جي الزامن جي ترديد ڪئي آهي، وزيراعظم ڪڏهن به قومي خزاني تي بار نا??ي وڌو، وزيراعظم جي ذات تي جيڪي الزام لڳايا ويا، ان تي ڪارروائي ڪنداسين، آئين جي آرٽيڪل 9 تي عملدرآمد لازمي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته ??اڪستان جي اندر اظهار راءِ جي آزادي ۽ ميڊيا جي آزادي لاءِ وڏو عرصو جدوجهد ڪئي، آئين جو آرٽيڪل 9 پاڪستان جي شهرين جي عزت نفس کي محفوظ بڻائڻ جو بنيادي حق ڏي ٿو، بدقسمتي سان ميڊيا خاص طور تي سوشل ميڊيا تي مسلسل ان حق جي خلاف ورزي ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته ??لڪ جي چيف ايگزيڪيٽو لاءِ بي سروپا ۽ بي وقتائتي مهم هلائي وئي، ان جي ذات کي نشانو بڻايو ويو پر جڏهن حقيقتون سامهون آيو ته الزام غلط ثابت ٿيا، هن چيو ته جسٽس (ر) وجيهه الدين احمد وزيراعظم جي ذات تي حملو ڪيو آهي، ان جي الزامن جي ترديد جهانگير ترين ڪري ڇڏي آهي، هن چيو ته ??ڪ اهڙي ماڻهو جنهن تي وزيراعظم عمران خان احسان ڪيو ۽ صدر جو اميدوار نا??زد ڪيو، جي بيان کي ميڊيا ۾ بنا ڪنهن تحقيق جي پيش ڪيو ويو، وفاقي وزير چيو ته ??لڪ جي چيف ايگزيڪيٽو جي لاءِ ميڊيا جا اصول ۽ ذميواري هجڻ گهرجي، هن چيو ته اسان پاڪستان ميڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي جي قانوني جي تجويز ان??ي لاءِ ڏني هئي، اسان سمجهون ٿا ته اظهار راءِ جي آزادي جي حق سان گڏ ذميداري جو حق به هجڻ گهرجي. چوڌري فواد حسين چيو ته ??لڪ جي اعليٰ ترين سول آفيسرن، فوج ۽ ??دل??ه جي خلاف مهم سوچي سمجهي سازش تحت شروع ڪئي ويندي آهي. هن چيو ته ??ڏن ٽي وي چئنلز کي ٻاهرين ملڪ ڏنڊ به پوندا آهن ۽ اهي ڏنڊ ادا به ڪندا آهن پر پاڪستان جي اندر ميڊيا جي آزادي کي هڪ خاص مقصد لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي، هن چيو ته ??زيراعظم جي ذات کي جهڙي طريقي سان نشانو بڻايو ويو اهو قابل مذمت آهي. وفاقي وزير چيو ته عمران خان کي پئسن جو مسئلو ڪڏهن به نا??ي رهيو، پاڪستان جڏهن ورلڊ ڪپ کٽيو ۽ جڏهن ڀارت جي ڪرڪيٽ ٽيم کي ڀارت ۾ شڪست ڏني ته ان وقت عمران خان ئي ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪپتا هو، ان وقت رانديگرن کي پلاٽ به مليا، عمران خان اهي پلاٽس پاڻ رکڻ جي بدران شوڪت خانم اسپتال جي لاءِ وقف ڪري ڇڏيا هئا، هن چيو ته ??زيراعظم عمران خان ڪڏهن قومي خزاني تي بار نه وڌو، سندس ماهوار خرچ جي حوالي سان به ڪجهه ٽي وي چئنلز غير ضروري تذڪرو ڪيو، هن چيو ته ??جيهه الدين احمد انتهائي غير ذميداري جو مظاهرو ڪندي الزام لڳايا، ۽ جهانگير ترين ان جي الزامن جي ترديد ڪري هڪ معزز ماڻهو هجڻ جو ثبوت ڏنو آهي ۽ واضح ڪيو آهي ته ان قسم جا ڪي به خرچا هن ادا نا??ن ڪيا، هن چيو ته ??جم سيٺي تي ٽي سالن کان ڪيس التوا جو شڪار آهي، پيمرا ان تي ڪارروائي ڪئي ته ان تي منع نا??و حاصل ڪيو ويو، هن چيو ته ??دل??ه کي ڪنهن ان??رادي شخص جي عزت نفس جو تحفظ ڪ فراهم ڪرڻ گهرجي، هن چيو ته ??زيراعظم جي خلاف اهڙي طرح جي پروپيگنڊا ڪري پوري ملڪ جي ماڻهن جي اعتماد کي مجروح ڪيو ويندو آهي، هن چيو ته اهڙن حربن تي سخت ڪاروائي ٿيڻ گهرجي، وفاقي وزير چيو ته اسان وجيهه الدين احمد تي هتڪ عزت جو ڪيس داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽس جي ججن کي اپيل آهي ته ادارن جي عزت کي بحال رکڻ جي لاءِ قدم کنيا وڃن، وزيراعظم به هڪ ادارو آهي، ان جي عزت کي بحال رکڻ قانوني اعتبار سان به اهم آهي. هن چيو ته چيف جسٽس ضلعي ۽ هاءِ ڪورٽس جي سطح تي خصوصي بينچ جوڙين جيڪي اهڙي طرح جا ڪيس ٻڌن. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اسان پي ايم ڊي اي جي حوالي سان جيڪي تجويزون پيش ڪيون هيون، جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي کان ان تي ڳالهه ڪئي آهي، ايڪشن ڪميٽي کي سفارشن موجب نئون ڊرافٽ تيار ڪري موڪليو آهي، اسان چاهيون ٿا ته ??يڊيا تنظيمون ان قانون کي حتمي شڪل ڏين ته جيئن ماڻهن جا پٽڪا لاهڻ جو سلسلو بند ٿي سگهي، هن چيو ته اسان جيڪي قانون گهري رهيا آهيون هو اهي ئي قانون آهن جيڪي عالمي سطح تي لاڳو آهن، ان کانسواءِ اسان نه ڪجهه وڌيڪ چاهيون ٿا نه گهٽ، آرٽيڪل 9 تي عملدرآمد ضروري آهي، هن چيو ته اسان ان ٽي وي چئنلز کي نوٽيس ڏئي رهيا آهيون جنهن بنا تصديق جي ان الزام کي پنهنجي ٽي وي چئنلز تي هلايو. هن چيو ته چيف جسٽس آف پاڪستان ۽ هاءِ ڪورٽس جي چيف جسٽسن کي درخواست آهي ته ??و ان??ن ڪيسن کي ترجيحي بنيادن تي اڳتي وڌائين، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ??يڊيا جي ڪجهه ماڻهن ميڊيا قانونن جي مخالفت ڪئي، پاڪستان جي شهرين جي عزت نفس هڪ طرف ۽ ڪجهه ماڻهن جو مفاد ٻي طرف آهي، اسان کي ان ۾ توازن رکڻو پوندو، هن چيو ته اسان ميڊيا تنظيمن سان گڏجي قانون سازي کي اڳتي وڌائڻ چاهيون ٿا، اسان سخت قانون نه آندا ته ??يڪ نيوز جي بنياد تي پاڪستان جو نظام ڪمزور ک??ن ڪمزور ٿيندو رهندو. هن چيو ته برطانيه ۽ آمريڪا سميت دنيا ۾ ڪٿي به الزامن کي اهڙي طرح نشر نٿو ڪري سگهجي، ان??ن الزامن جي تصديق ڪرڻي هوندي آهي، بيان نشر ڪرڻ کان پهرين جهانگير ترين کان ئي پڇيو وڃ يها ته اهو الزام نه رهي ها، هن چيو ته ڪنهن ماڻهو جي الزام کي بنا تحقيق جي نشر نٿو ڪري سگهجي. ان جي لاءِ قانونسازي تي به ڳالهه ڪئي ويندي. هن چيو ته ??دل??ه کان به اميد آهي ته ??و اهڙن منفي قدمن تي سخت ڪارروائي ڪندي.