اسلام آ??اد – 18 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سمنڊ پار پاڪستانين کي ملڪ جو قيمتي اثاثو قرار ڏيندي انهن جي لاءِ وڌ کا?? وڌ سهولتون پيدا ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. اها هدايت هن سمنڊ پار پاڪستانين واري صلاحڪار ايوب آفريدي سان ملاقات ۾ ڪئي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ سمنڊ پار پاڪستانين جي لاءِ حڪومت جي راءِ جو حق ڏيڻ واري قدم ۽ نادرا جي ذريعي پاور آف اٽارني جي آن لائين نظام جي افاديت ۽ پذيرائي جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان کا??سواءِ وزيراعظم کي روشن ڊيجيٽل اڪائونٽ ۽ حڪومت جي ڪاروبار دوست پاليسين جي ڪري سمنڊ پار پاڪستاني سيڙپڪارن جي لاءِ سيڙپڪاري جي وسيع موقعن بابت پڻ بريفنگ ??ني وئي. وزيراعظم سمنڊ پار پاڪستانين کي ملڪ جو قيمتي اثاثو قرار ڏنو ۽ انهن جي لاءِ وڌ کا?? وڌي سهولتون پيدا ڪرڻ جي هدايت ڪئي.