اسلا?? آباد – 03 ڊسمبر (اي پي پي) پا??ستان انساني همدردي جي بنياد تي واهگا بارڊر جي رستي ڀ??رت کان 50 هزار ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ ۽ زندگي بچائيندڙ دوائون افغان ٽرڪن جي ذريعي افغانستان منتقلي جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب پا??ستان انساني همدردي جي بنياد تي افغان عوام کي وڌيڪ سهولت فراهم ڪرڻ جي غرض سان ڀ??رت کان 50 هزار ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ ۽ زندگي بچائيندڙ دوائون واهگا بارڊر ۽ طورخم جي رستي افغان ٽرڪن جي ذريعي افغانستان منتقلي جي اجازت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي جيڪو مجوزه انساني امداد ۾ سهولت جي فراهمي لاءِ حڪومت پا??ستان جي عزم ۽ سنجيدگي جو ثبو?? آهي. ان فيصلي سان پرڏيهي وز??رت ۾ ڀارتي ناظم الامور کي آگاهه ڪيو ويو. ڀارتي حڪومت تي به زور ڏنو ويو ته هو افغانستان کي انساني امداد جي فراهمي ۾ تيزي آڻڻ جي لاءِ ضروري قدم کڻي.