اسلام آباد – 24 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان مختلف مذهبن، ثقافتن ۽ تهذيبن جي وچ ۾ امن ۽ آشتي ۽ هم آهنگي جي فروغ لاءِ پنهنجون سموريون ڪوششون استعمال ۾ آڻڻ لاءِ پرعزم آهي. اولهه اظهار راءِ جي آزادي جي غلط استعمال جي حوصلا افزائي نه ڪري، اسلام امن جو دين آهي، جيڪو تشدد ۽ انتهاپسندي کي قبول نٿو ڪري، مختلف تهذيبن جي گهواري جي طور تي پاڪستان مختلف ثقافتن جو هڪ حسين اتحاد آهي. هو هتي عالمي بين المذ??هب امن ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. پرڏيهي وزير چيو ته انتهاپسندي، بالادست نظريات، تڪراررن ۽ پراڻن جهيڙن سان ويڇن ۽ ورهاست جو شڪار اڄ دن??ا ۾ بين المذ??هب هم آهنگي نهايت اهم اهميت ۽ خاص حيثيت حاصل ڪري ورتي آهي. هن چيو ته شرانگيز پروپيگنڊا جي باوجود دن??ا ۾ اهو اح??اس وڌي رهيو آهي ته اسلام امن جو دين آهي جيڪو تشدد ۽ انتهاپسندي کي قبول نٿو ڪري ۽ نه ئي ان جي فروغ يا حوصلي افزائي جي ترغيب ڏي ٿو. اسلام نسلي برتري جي نظريات ۽ رنگ ۽ نسل جي بنياد تي امتيازات کي سختي سان رد ڪري ٿو. پرڏيهي وزير چيو ته تهذيبن جي وچ ۾ حقيقي مڪالمي ۽ بين المذ??هب هم آهنگي جي اڄ اسان کي جيتري قدر ضرورت آهي شايد ان کان پهرين ڪڏهن نه هئي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان تحمل ۽ برداشت، هم آهنگي ۽ اقليتن جي ثقافت ۽ قدرن جي اح??رام جي شاندار روايتن جو امين آهي، اسان جي قومي جهنڊي ۾ موجود سائو ۽ اڇو رنگ بين المذ??هب هم آهنگي جي روح جي عڪاسي ڪري ٿو ۽ اسان جي آئين ۾ ضمانت جي طور تي لکيل آهي. هن چيو ته پاڪستان صوفين جي ڌرتيءَ آهي جنهن انسانيت جي اح??رام، رحم دلي، همدردي ۽ ڀائيچاري جو پيغام هر طرف پکيڙيو. مختلف تهذيبن جي گهواري جي طور تي پاڪستان مختلف ثقافتن جو هڪ حسين اتحاد آهي، پرڏيهي وزير چيو ته وزيراعظم جي تحمل ۽ برداشت ۽ بين المذ??هب هم آهنگي جي ويزن تي عمل پيرا ٿيندي، پاڪستان سک ڀائرن جي لاءِ ڪرتار پور راهداري کولي، اهڙي طرح ٻين مذهبن جي مذهبي ماڳن جي تحفظ ۽ ڏڻن جي فروغ لاءِ ڪوششون جاري آهن ۽ جاري رهنديون، پرڏييه وزير چيو ته حڪومت پاڪستان جي سوچ ۽ ڪوششون انهن پاليسين ۽ قدمن کان قطئي برعڪس آهي جنهن تي ”بي جي پي“ جي نسپل پرست حڪومت، عمل پيرا آهي. اقليتن کان عام طور تي، ڪشميرين کان خاص طور تي ناروا سلوڪ ڀارت جي سيڪيولر جمهوري ملڪ هجڻ جي دعوائن جي نفي ڪري ٿو، دن??ا کي ڀارتي حڪومت کي اهو اح??اس ڏيارڻو پوندو ته مسلمان ۽ ٻين اقليتن سان ٿيندڙ انهي نوعيت جي واقعن، علائقائي امن ۽ سلامتي جي لاءِ سنگين خطرا آهن. شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان مختلف مذهبن، ثقافتن ۽ تهذيبن جي وچ ۾ امن ۽ آشتي ۽ هم آهنگي جي فروغ لاءِ پنهنجون سموريون ڪوسشون استعمال ۾ آڻڻ لاءِ پرعزم آهي. ڪورونا جي عالمي وبا، اسان سڀني جون اکيون کولڻ لاءِ ڪافي موقعا فراهم ڪيا آهن، انهي سان اهو شعور بيدار ٿيو آهي ته تڪرارن ۽ عدم برداشت ترڪ ڪري هم آهنگي ۽ تعاون کي فروغ ڏنو وڃي جيڪو بني نوع انسان جي بقا جي ڪليد آهي. هن چيو ته اولهه اظهار راءِ جي آزادي جي غلط استعمال جي حوصلا افزائي نه ڪري ۽ نه ئي اهڙن روين کان منهن موڙيو وڃي جنهن سان ٻه ارب ??ي لڳ ڀڳ مسلمانن جي جذبن کي شديد تڪليف پهچي ٿي، وزيراعظم عمران خان اعلي ترين فورمز تي ان نيڪ مقصد کي پوري شدت ۽ قوت سان اجاگر ڪيو آهي، پرڏيهي وزير اميد ظاهر ڪئي ته اسان جا عالم سڳورا ۽ مشائخ عظام، پاڪستان جي اندر ۽ سڄي دن??ا ۾ بين المذ??هب هم آهنگي جي فروغ ۾ حڪومت جا هٿ مضبوط ڪندا.