اسلام آباد – پهرين نومبر (اي پي پي) ??زي??اعظم ع??ران خان سان ناليواري ڪرڪيٽرز سر ويوين رچرڊس ۽ ڊيوڊ گاور ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ملڪي ڪرڪيٽ جي فروغ خاص طور تي گهٽ عمر جي رانديگرن جي لاءِ سهولتون ۽ موقعا فراهم ڪرڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي ??زي??اعظم چيو ته پاڪستان ۾ ٽ??لينٽ جي ڪا کوٽ نه آهي، حڪومت نوجوان رانديگرن کي بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي، هر علائقي ۾ راندين جا ??يدان ٺاهڻ جي هدايت ڏني آهي ته جيئن ٻارن ۽ نوجوانن کي صحتمند تفريح جا ??وقعا ملي سگهن. ٻنهي ڪرڪيٽرز ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي تازين مئچن ۾ پاڪستان ٽيم جي ڪارڪردگي کي ساراهيو.