اسلام آباد – 02 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ناليواري اداڪار ۽ ڪاميڊين عمر شريف جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪندي گهري ڏک ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل تعزيتي پيغام ۾ صدر چيو ته عمر شريف منفرد مزاح جو مالڪ هو. هن چيو ته عمر شريف ڪاميڊي ج?? دنيا ۾ پنهنجو جدا مقام ٺاهيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته الله تعاليٰ مرحوم کي ج??ت ۾ جڳهه عطا فرمائي ۽ پوني??رن کي صبر جم??ل ڏي.