ا??لا?? آباد – 30 – سيپٽمبر (اي پي پي) حڪومت آبادگارن ۽ هارين جي مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي جنهن تحت پاڪستان سٽيزن پورٽل تي هارين لاءِ خصوصي ڪيٽيگري الاٽ ڪئي وئي آهي. وزيراعظم ??فيس پاران ان حوالي سا?? جاري ڪيل هدايتن ۾ هارين جي مسئلن جي حل لاءِ صوبائي حڪومتن کي خصوصي حڪم جاري ڪيا ويا آهن جنهن تحت سڄي ملڪ ۾ لاڳاپيل آفيسرن کي هارين جي شڪايتن جي فوري حل لاءِ قدمن جون هدايتون ڪيون ويون آهن.
وزيراعظم ??مران خان پاران جاري هدايتن ۾ چيو ويو آهي ته سرڪاري آفيسر هارين جي مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪن، ان حوالي سا?? وزيراعظم ڊليوري يونٽ (پي ايم ڊي يو) سمورين صوبائي حڪومتن کي خط جاري ڪيو آهي، جنهن تحت هاڻي هاري پنهنجا مسئلا سڌو سنوان سٽيزن پورٽل تي ٻُڌائي سگهندا، وزيراعطم آفيس چيو آهي ته پنهنجي مسئلن جي حل لاءِ هاڻي آبادگارن ۽ هارين کي سرڪاري آفيسن جا چڪر نه لڳائڻا پوندا،
وزيراعظم ??فيس هدايت ڪئي ته سمورا چيف سيڪريٽريز هارين جي مسئلن جي حل تي آفيسرن جي ٽه ماهي ڪارڪردگي رپورٽ جوڙين، خط ۾ سمورنص وبن ۾ هارين جي مسئلن جي لاءِ 123 سرڪاري آفيسرن کي ذميداريون سونپيون ويون آهن ۽ ان حوالي سا?? خيبرپختونخوا جي 43 جڏهن ته پنجاب جي 57 آفيسرن کي ذميداري سونپي وئي اهي، سڄي ملڪ جا هاري هاڻي پي ايم پورٽل تي ڪارڊ، ڀاڻ، ٻج، پاڻي جي چوري، فصل، جنسن جي قيمتن تي شڪايتون داخل ڪرائي سگهندا. ان کانسواءِ جيت مار دوائن ۽ ٻين 52 مسئلن جو ازالو به بروقت ممڪن ٿي سگهندو، وزيراعظم ??فيس هدايت ڪئي ته سڄي ملڪ ۾ ان حوالي سا?? آبادگارن ۽ هارين جي آگاهي لاءِ ضلعي سطح تي خصوصي مهم به هلائي وڃي.
?لا??_گیمز/135775.html">