ڪوئيٽا – 04 آگسٽ (اي پي پي) ??در ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته راندين جي سرگرمين سان صحتمند مقابلي جو ??جحان پيدا ٿيندو آهي، عورت ڪرڪيٽ رانديگرن پنهنجي محنت ۽ شوق سان ثابت ڪيو ته پاڪستاني عورتون باصلاحيت آهن ۽ زندگي جي هر شعبي ۾ دنيا جو مقابلو ڪرڻ جو ??وصلو رکن ٿيون. ايوان ??در جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب ??در ڊاڪٽر عارف علوي سان ويمن ٽي – 20 ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جي ونر ۽ رنر اپ ٽيمن ڪوئيٽا ۾ ملاقات ڪئي. گورنر هائوس ڪوئيٽا ۾ ٿيندڙ ملاقات ۾ بلوچستان جو گورنر س??د ظهور آغا، بلوچستان جو وڏو وزير ڄام ڪمال خان، راندين وارو سيڪريٽري عمران گچڪي به موجود هئا، ??در ٽورنامينٽ کي ويمن ايمپاورمنٽ ۽ ملڪ ۾ صحتمنداڻي سرگرمين جي فروغ طرف اهم اڳڀرائي قرار ڏنو. ??در ڊاڪٽر عارف علوي جو چوڻ هو ته راندين جي سرگرمين سان صحتمنداڻي مقابلي جو ??جحان پيدا ٿيندو آهي. عورت ڪرڪيٽ رانديگرن پنهنجي محنت ۽ شوق سان ثابت ڪيو ته پاڪستاني عورتون باصلاحيت آهن ۽ زندگي جي هر شعبي ۾ دنيا جو مقابلو ڪرڻ جو ??وصلو رکن ٿيون. ويمن ڪرڪيٽرز ملاقات ۾ ڪرڪيٽ ليگ جي انعقاد تي ڪوئيٽا گليڊيئٽرز ۽ حڪومت ج?? ٿورو ادا ڪيو.