اسلام آباد – 07 جون (اي پي پي) وزيراعظ?? عمران خان سومر ڏينهن برطانيه جي وزيراعظم بورس جا??سن سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي ۽ گڏيل رابطن، افغان امن عمل، ڪووڊ 19 وبا ۽ ماحولياتي تبديلي جي موضوع تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظ?? عمران خان 5 جون تي ماحوليات جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي بورس جا??سن جي شاندار وڊيو پيغام تي سندس ٿورو ادا ڪيو، وزيراعظ?? عمران خان اميد ظاهر ڪئي ته پاڪستان ۽ برطانيه جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري سميت ٻين شعبن ۾ مضبوط حصيداري ترقي ڪندي، ٻنهي اڳواڻن اعليٰ سطح جي مٽاسٽا جي اهميت تي اتفاق ڪيو، وزيراعظ?? عمران خان برطانيه ۾ ڪووڊ 19 وبا کي منهن ڏيڻ لاءِ بورس جا??سن جي ڪوششن جي واکاڻ ڪئي، هن پاڪستان پاران ڪووڊ 19 وبا کي منهن ڏيڻ لاءِ قدمن کان آگاهه ڪيو جنهن ۾ انساني زندگين کي بچائڻ سان گڏوگڏ روزگار ۽ معيشت جي تحفظ جا قدم شامل هئا، هن بورس جا??سن کي چيو ته هو پاڪستان کي ان وبا جي ڪري ملڪن تي سفري پابندين جي ريڊ لسٽ تي وجهڻ جي فيصلي تي نظرثاني ڪري، افغانستان جي حوالي سان وزيراعظ?? عمران خان چيو ته پاڪستان افغانستان جي قيادت ۾ انهن جي پنهنجي امن ۽ مفاهمت جي عمل جي حمايت ڪري ٿو،