اسلام آباد – 05 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته بلين ٽري سونامي منصوبي جي ڪاميابي لاءِ سڄي قوم کي متحد ٿي ساٿ ڏيڻو پوندو، ان جي ڪاميابي سان ماحوليات سميت معيشت، سياحت کي فروغ ملندو، آلودگي ۾ گهٽتائي ايندي، ٻيلن ۽ جهنگلي جيوت کي تحفظ ملندو، دنيا جا اهڙا ملڪ جيڪي ڪاربان اخراج جو وڏو سبب آهن اهي پنهنجي ??ميداري پوري ڪندي غريب ملڪن کي ان کي منهن ڏيڻ لاءِ فنڊز فراهم ڪن ته جيئن هو پنهنجي ماحول کي بهتر ڪري سگهن، قومي پارڪس ۽ ٻيلن جي ??حفظ لاءِ فارسٽ گارڊز جو تعداد وڌائينداسين، مقامي ماڻهن کي روزگار فراهم ڪنداسين ته جيئن هو ان جي ??نيادي ڌر بڻجي ??ن جو تحفظ ڪري سگهن، 2030ع تائين 60 سيڪڙو بجلي قابل تجديد توانائي تي منتقل ڪنداسين، پوري قوم کي گڏجي گڏيل قومن جي ??يڪو سسٽم جي ??حالي واري ڏهاڪي جي ڪاميابي لاءِ جدوجهد ڪرڻي آهي. وزيراعظم عمران خان ماحوليات جي ??المي ڏهاڙي جي موقعي تي ڪنوينشن سينٽر ۾ منعقد تقريب کي خاص مهمان طور خاص خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان جي لاءِ ماحوليات جي ??المي ڏهاڙي جي ??قريب جي ميزباني هڪ وڏو اعزاز آهي، کيس خوشي آهي ته تمام جلد پاڪستان ماحوليات جي ??والي سان ڪوششن ۾ عالمي نقشي تي اچي ويو آهي، دنيا هاڻي ان جو ادراڪ ڪري ٿي ته پاڪستان انهن ملڪن ۾ شامل آهي ته هو پنهنجي ??يندڙ نسلن جي لاءِ قدم کڻي رهيو آهي، هن چيو ته مسلمانن ۽ پاڪستاني قوم لاءِ حضور اڪرم ?? جي حديث جو فهم ضروري آهي جنهن ۾ هن فرمايو ته ايندڙ دنيا لاءِ ايئن جيئو ته سڀاڻي مري وڃڻو آهي ۽ هن دنيا جي لاءِ ايئن جيئو ته هزارين سال زنده رهڻو آهي، اهو الله جو حڪم آهي ته ان جي ??مين تي قدم رکو ته ان جو فڪر ڪريون ته جيڪو ڪم اسان ڪري رهيا آهيون ان جا ايندڙ نسلن تي ڪهڙا اثر پوندا. وزيراعظم چيو ته بدقسمتي سان دنيا جي ??ڪثر ملڪن ان طرف ڌيان نه ڏنو، پاڪستان به انهن ملڪن ۾ شامل هو، تنهن هوندي به ڪجهه ملڪن ان جو احساس ڪيو ۽ هنن ماحوليات جو خيال رکيو، وزيراعظم چيو ته اسان خيبرپختونخوا ۾ هڪ ارب ٻوٽا لڳائڻ جو فيصلو ڪيو تڏهن اسان کي خبر پئي ته پاڪستان جي ??ڄي تاريخ ۾ هيستائين 64 ڪروڙ وڻ پوکيا ويا اسان خيبرپختونخوا ۾ اهو هدف پورو ڪيو، هن چيو ته اسان جي لاءِ اهو تڪليف ڏيندڙ ڳالهه هئي ته پاڪستان ۾ ڇانگامانگا، ديپالپور، تاندليانوالا ۽ چيچه وط??ي ۾ جيڪي ٻيلا هئا اهي به وڍيا ويا، ڪنهن کي اسان جي ??يندڙ نسلن جو خيال نه هو، اسان پنهنجي ??ريائن کي بي دردي سان آلوده ڪيو، ماضي ۾ زمان پارڪ جي ٻاهران واهه مان ماڻهو پاڻي پئيندا هئا ، باغن جي ??هر لاهور ۾ آلودگي خطرناڪ حد تائين وڌي وئي آهي، هن چيو ته ايڪو سسٽم جي ??حالي جو ڏهاڪو دنيا جي لاءِ هڪ موقعو آهي ته هو ماحوليات جي ??هتري لاءِ قدم کڻي، الله اسان کي موقعو ڏنو آهي ته پنهنجو ماحول ٺيڪ ڪريون، اهي 10 سال اسان جي لاءِ پنهنجو رخ درست ڪرڻ جي لاءِ اهم آهن، وزيراعظم چيوته ڪاربن اخراج ۾ پاڪستان جهڙن ملڪن جو ڪردار هڪ سيڪڙو به نه آهي ان جي ??اوجود اسان اهو فيصلو ڪيو ته عالمي گرمي کي منهن ڏيڻ لاءِ قدم کڻنداسين. وزيراعظم چيو ته گڏيل قومن جي ??يڪريٽري جنرل وڏي اهم ڳالهه ڪئي آهي ته دنيا ۾ پاڻي جو بحران اچڻ وارو آهي، پاڪستان ۾ هينئر کان صوبن ۾ پاڻي جي ورڇ تي اختلاف پيدا ٿي چڪا آهن، پاڪستان جي ??ريائن ۾ 80 سيڪڙو پاڻي گليشيئر مان ايندو آهي ۽ اهو عالمي حدت سان متاثر ٿي رهيا آهن، جن ملڪن جو پاڻي جو دارومدار گليشيئر تي آهي انهن لاءِ وڏا مسئلا آهن، هندستان ۾ پاڻي گليشيئر کان دريائن ۾ ايندو آهي ۽ اهو به متاثر ٿيندو ۽ ان کانسواءِ وچ ايشيائي رياستن ۾ پاڻي به گليشيئر مان ايندو آهي اهو سڄو علائقو متاثر ٿيندو