اسلام آباد – 21 – مئي (اي پي پي) وز??راعظم عم??ان خان ڪراچي نيوڪليئر پاور پلانٽ يونٽ – 2 (ڪي – 2) جو افتتاح ڪري ڇڏيو آهي. ڪراچي ۽ بيجنگ ۾ پاور پلانٽ جي افتتاح جي تقريبن جو ورچوئل انعقاد ڪيو ويو جنهن ۾ وز??راعظم عم??ان خان اسلام آباد مان شرڪت ڪئي، تقريب ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وز??ر چوڌري فواد حسين، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وز??ر شبلي فراز، توانائي واري وفاقي وز??ر عم?? ايوب خان، وفاقي وز??ر حماد اظهر، ايٽامڪ انرجي ڪميشن ج?? چيئرمين محمد نعيم ۽ ٻين ??ه شرڪت ڪئي. ايٽامڪ انرجي ڪميشن جي چيئرمين وز??راعظم عم??ان خان جو تقريب ۾ شريڪ ٿيڻ تي ٿورو ادا ڪيو. انٽرنيشنل ايٽامڪ انرجي ايجنسي جو ڊائريڪٽر جنرل رافيل گروزي به تقريب کي ورچوئل خطاب ڪيو ۽ پاڪستان جي پرامن مقصدن لاءِ ايٽم?? توانائي جي استعمال کي ساراهيو ۽ ان کي محفوظ ۽ ماحول دوست قرار ڏنو. چائنا ايٽامڪ انرجي اٿارٽي جي چيئرمين پاڪ چين ??فارتي لاڳاپن جي سالگرهه جي مبارڪباد ڏيندي ان منصوبي کي پاڪ چين ??وستي جو مظهر قرار ڏنو ۽ چيو ته چين پاڪستان سان تعاون جاري رکندو، ڊي جي ايس پي ڊي ۽ لاڳاپيل عملدار به ان موقعي تي موجود هئا. ڪي ٽو نيوڪليئر پاور پلانٽ جديد ترين نوعيت جو جنريشن ٿري جو نيوڪليئر پاور پلانٽ آهي جيڪو حفاظت ۽ سيفٽي جي جديد ترين ??نتظامن سان ليس آهي، ان ۾ اندروني ۽ ٻاهرين ??حفظ ۽ حادثن کان بچاءُ کانسواءِ ايمرجنسي جي صورت ۾ بچاءُ ۽ ازالي جي جديد ترين ??هولتون شامل آهن.