اسلام آباد – 29 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف ع??وي چ??نڊ عمل ۾ شفافيت لاءِ آءِ ووٽنگ جي نظام جي اهميت تي زور ڏيندي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي آهي ته جد??د سيڪيورٽي خاصيتن جي حامل اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي تياري جي عمل کي وڌيڪ تيز ڪرڻ ڪيو وڃي، انٽرنيٽ ووٽنگ سسٽم سان نه رڳو سمنڊ پار پاڪستانين کي سهولت ملندي پر مجموعي چ??نڊ عمل ۾ به بهتري ايندي. هو انٽرنيٽ ووٽنگ بابت ايمرجنگ ٽيڪنالاجيز بابت ذيلي ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. صدر ملڪ ۾ چ??نڊ عمل ۾ شفافيت لاءِ آءِ ووٽنگ جو نظام متعارف ڪرائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ ان ڏس ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي ته جد??د سيڪيورٽي خصوصيتن جي حامل اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي تياري جي عمل کي وڌيڪ تيز ڪيو وڃي. هن چ??و ته انٽرنيٽ ووٽنگ سسٽم متعارف ٿيڻ سان جتي سمنڊ پار پاڪستانين کي سهولت ميسر ايندي اتي ان سان ملڪ ??ي مجموعي چ??نڊ عمل ۾ به بهتري ايندي. صدر چيو ته چ??نڊ عمل جي ساک محفوظ بڻائڻ لاءِ چ??نڊ سامان جي سيڪيورٽي ۽ ٻي عمل کي فول پروف ۽ شفاف هجڻ گهرجي. اجلاس ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز وزارت پاران اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي تياري لاءِ قدمن جي باري ۾ بريفنگ ڏني.