اسلام آباد – 29 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان وچ ايشائي ملڪن سان واپار، سيڙپڪاري، توانائي ۽ عوامي رابطن کي فروغ ڏيڻ جي ع??م جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اقتصادي واڌويجهه ۽ ترقي جي لاءِ علائقائي رابطن جي فروغ لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي ۽ بحر هند تائين پهچ جي لاءِ وچ ايشيائي ملڪ پاڪستاني بندرگاهن جي وڏن موقعن مان فائدو کڻي سگهن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن ازبڪستان جي ٽرانسپورٽ واري وزير ميخوف سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻطرفن ??اڳ??پن، علائقائي رابطن ۽ خطي ۾ امن ۽ سلامتي سان ??اڳ??پيل معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.