اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) گذريل سال 5 آگسٽ تي ڀارت پاران غيرقانوني ڀارتي والاريل ڪشمير جي خاص حيثيت جي خاتمي ذريعي ان علائقي ۾ مسلمان اڪ??ريت کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي ڀارتي ارادن جي خلاف پاڪستان عالمي سطح تي ڀرپور ??فا??تي مهم هلائي. ان مهم ذريعي عالمي برادري ۽ عالمي ادار?? کي ڀارت جي غيرجمهوري ۽ انساني حقن ۽ عالمي قانونن جي خلاف ڪڌن قدمن کان آگاهه ڪيو ويو. ڀارتي غيرقانوني اراد?? کي جانچيندي والاريل ڪشمير جي صورتحال کي عالمي سطح تي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ پهرين آگسٽ 2019ع تي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس کي هڪ خط لکيو جنهن ۾ والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي وڌندڙ سنگين خلاف ورزين، سري نگر ۾ اضافي فورسز مقرر ڪرڻ جي حوالي سان ڀارتي جي امڪاني غيرقانوي قدمن کان آگاهه ڪيو ويو ۽ گڏيل قومن تي واضح ڪيو ويو ته پاڪستان ڪنهن به اهڙي ممڪن ڀارتي قدم جي ڀپرور مخالفت ??ند?? جن??ن سان والاريل ڪشمير ۾ آبادي جي تناسب ۾ تبديلي ڪري سگهجي. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي 5 آگسٽ تي ڀارتي غيرقانوني قدم ۽ ان کانپوءِ خطي ۾ امن امان جي درپيش خطر?? کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان پاران عالمي سطح تي ??فا??تي ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون ۽ 40 کان وڌيڪ ملڪن جي پرڏيهي وزيرن سان رابطو ڪيو ۽ انه?? کي ڊوميسائيل قاعدن ۾ تبديلي ذريعي والاريل ڪشمير ۾ آبادياتي تناسب تبديل ڪرڻ جي ڀارتي ڪوششن کان آگاهه ڪيو. ان کانسواءِ پرڏيهي وزير سيڪيورٽي ڪائونسل جي صدر ۽ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل کي خط لکيا ۽ انه?? کي ڀارتي ارادن کان آگاهه ڪيو.