اسلام آباد – 03 آگسٽ (اي پي پي) سريلنڪا ۾ مقرر پاڪستان جي وقتي هاءِ ڪمشنر تنوير احمد چيو آهي ته ڀارت جي 5 آگسٽ جي غيرقانوني قدم والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ مزاحمت جو نئون ٻج ڇٽي ڇڏيو آهي. والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوجي گهيراءُ جو هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي ڪولم??و ۾ منعقد هڪ تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته مودي جي قيادت ۾ ڀار??ي حڪومت ملڪي آئين جي آرٽيڪل 370 ۽ 35 اي کي ختم ڪري گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جي خلاف ورزي ڪئي آهي. وقتي هاءِ ڪمشنر چيو ته ڀار??ي حڪومت والاريل ڪشمير ۾ هزارين اضافي فوجي?? کي مقرر ڪيو آهي، زندگي جي ضرورتن تائين پهچ روڪڻ جي لاءِ پابنديون هنيون، سياسي اڳواڻ?? کي گرفتار ڪيو، هر قسم جي مواصلات جي بندشن جي نتيجي ۾ سڀ کان وڏو انساني بحران درپيش آهي.