اسلام آباد – 29 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته پاڪستا?? عالمي ا??ن جي لاءِ مثبت ڪردار ادا ڪيو آهي، امن بابت وزيراعظم عمران خان جو بيانيو کٽي ويو، ڪرونا وائرس جي حوالي سان نيشنل ايڪشن پلان ڪابينا اجلاس ۾ پيش ڪ??و ويندو، پاڪستان ۾ ڪرونا وائرس جي حوالي سان ڪا ايمرجنسي نه آهي، وائرس کان بچڻ جي لاءِ ميڊيا ع??ام ۾ احتياطي تدبيرون اجاگر ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن وزيراعظم جي صحت واري خصوصي معاون ڊاڪٽر ظفر مرزا سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.