اسلام آباد – 19 فيبر??ري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت ڊج??ٽل پاڪستان جو منصوبو شروع ڪيو آهي جنهن جو مقصد نوجوانن کي هڪ پليٽ فارم مهيا ڪرڻ آهي ته جيئن هو آزاداڻي طور تي ڪم ڪري ملڪ جي اقتصادي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ڀرپور طريقي سان ادا ڪري سگهن. اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم عمران خان ملٽي نيشنل ٽيلي ڪميونيڪيشن سروسز ڪمپني و?? آن (VEON) جي چيف آپريشنز آفيسر سرگي هيريرو سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي ڪيو. جاز پاڪستان وي آن جي ذيلي ڪمپني آهي.