GAMES Catalog
10 Mahjong 2 Player 2048 3d Mahjong Addition Adventure Time Alien Alphabet Animal Apple & Onion Arcade Archery Art B& W Mahjong Barbie Base Defense Baseball Basketball Batman Battleship Beat Em Up Ben 10 Bike Bingo Blackjack Board Games Boat Bowling Boxing Breaker Brick Breaker Bubble Shooter Bugs Bunny Bunnicula Car Card Cartoon Cat Chain Reaction Chess Chhota Bheem Christmas Clarence Classic Clicker Color Coloring Comics Connect 3 Connect the Dots Cooperative Cowboy Craig of the Creek Crash & Bernstein Cricket Cross the Road Crossword Darts Dennis & Gnasher Descendants Destruction Dice Digging Disney Division Dog Dominoes Dora Drawing Dress Up Driving Easter Education Environmental Escape Exclusive Fairly OddParents Fighting Filling Find Differences Fishing Flappy Bird Floogals Flying Food Football Freecell Solitaire Frozen Fungies Funny Gambling Gamer's Guide Geography Geometry Girl Golf Golf Solitaire Grabber Mahjong Grizzy & the Lemmings Gumball Gun Halloween Hand Drawn Health Helicopter Henry Danger Hexjong Hidden Object Hockey Holiday Idle Independence Day Inspector Gadget Isometric Jigsaw Puzzles Jumping Kids Kindergarten Klondike Solitaire Knife Throwing Knight LEGO Logic Looney Tunes Loud House Mahjong Mahjong Connect Mahjong Sequence Mahjong Slide Mahjong Solitaire Mao Mao Master Moley Math Maze Maze Attack Memory Merge Mighty MagiSwords Minesweeper Mobile Motorcycle Movie Mr. Bean Multiplication Muppets Music Neon New Years Ninja Nonograms Numbers Parking Path Making Pattern Penn Zero Phonics Physics Pin Pull Pinball Pirate Pixel Platform Plumber Poker Police Pool Powerpuff Girls Preschool Puzzle Pyramid Solitaire Quiz Racing Ragdoll Reading Regular Show Religious Rotate Puzzle RPG Running Rusty Rivets Sandbox Sanjay & Craig Science Scooby Doo Shooting Simulation Skateboard Slicing Slide Puzzles Slots Smurfs Snake Snow Soccer Sofia the First Sokoban Solitaire Sorting Space Spelling Spider Man Spider Solitaire SpongeBob Sports St Patrick's Day Stacking Star Star Wars Steven Universe Stickman Strategy Subtraction Sudoku Survival Swimming Sword Taffy Tangram Tank Tap Teen Titans Go Tennis Tetris Thanksgiving TMNT Tom & Jerry Tower Mahjong Traffic Management Train Transformers Tripeaks Solitaire Triple Mahjong Truck Tycoon Typing Uncle Grandpa UniKitty Valentine's Day Victor & Valentino Viking Wacky Races Water Watermelon We Bare Bears Wizard of Oz Word Word Search Zombie
گیم کی معلومات
نیا بونس سلاٹ گیم بڑا انعام کیسینو خوش قسمت انعام اسپن روزانہ انعام کے ساتھ کھیلیں بڑا خزانہ جیتیں ٹاپ انعام جیک پاٹ مقبول نئے سلاٹ گیم مشہور ایڈونچر گیم مفت سلاٹ کا تجربہ سلاٹ گیمز مفت سلاٹ مشین آن لائن جوا کیسینو کھیل بہترین سلاٹ گیمز جیک پاٹ جیتیں گیمز ڈاؤن لوڈ کریں موبائل کیسینو گیمز نئی سلاٹ مشین انعامات کے ساتھ کھیلیں سمندری ڈاکو خزانہ گیم

5 آگسٽ 2019ع ڄمون ۽ ڪشمير جي تاريخ جو ڪارو باب آهي، پاڪستان ڪشميرين جي آزادي واري جدوجهد جي منطقي انجام تائين انهن جي ڀرپور سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو: انجنيئر امير مقام

image

اسلام آباد -04 آگسٽ (اي پي پي) ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن بابت وفاقي وزير انجنيئر امير مقام چيو آهي، ته 5 آگسٽ 2019ع جي ڀارتي قدمن خلاف سڄي دنيا ۾ يوم استحصال ملهايو پيو وڃي. 5 آگسٽ ڄمون ڪشمير جي تاريخ جو ڪارو باب آهي، پاڪستان ڪشميرين جي آزادي واري جدوجهد جي منطقي انجام تائين انهن جي ڀرپور سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. يوم استحصال جي موقعي تي سموريون سياسي پارٽيون گڏجي ڀارتي قدمن خلاف احتجاج ڪن. پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ ۾ حريت اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي انجنيئر امير مقام چيو ته 1947ع کان ڪشميرين جي آزادي واري جدوجهد جاري آهي، ڪشميرين پاڪستان ٺهڻ کان پهرين پاڪستاني هئڻ جو نعرو لڳايو هو. هن چيو ته ڪشميرين جي خواهشن مطابق ڪشمير تڪرار حل ٿيڻ گهرجي ۽ ان حوالي سان سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن تي عمل ٿيڻ گهرجي، ڀارت طرفان ڏاڍ سان ڪشميرين جي جدوجهد کي دٻائڻ ۾ ناڪامي تي پاڪستان طرفان اسان ڪشميري عوام کي سلام پيش ڪيون ٿا. هو ڏاڍ جي سامهون ڄمي بيٺا آهن، لکين زندگين جي قرباني ڏني آهي، هنن قيد ۾ ظلم برداشت ڪيا آهن، انهن جو ڏوهه رڳو اهو آهي ته هو پنهنجو بنيادي حق گهري رهيا آهن. هن چيو ته 5 آگسٽ تي ڀارت طرفان غيرقانوني قبضي هيٺ ڪشمير جي خاص آئيني حيثيت ختم ڪرڻ جو قدم کنيو ويو، جمهوريت جي نام نهاد علمبردار جي ان قدم کي 5 سال مڪمل ٿي چڪا آهن، انهن 5 سالن ۾ 887 ڪشميري شهيد ٿيا، هزارين زخمين ٿيا ۽ انهن کي جيلن ۾ بند ڪيو ويو. ڪشمير ۾ ڀارت طرفان ظلم جو نه ختم ٿيڻ وارو سلسلو جاري آهي، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل به انهن قدمن جي مذمت ڪئي آهي. گڏيل قومن جون قراردادون ڀارت جي آئين ۾ ردوبدل سان تبديل نه ٿيون ٿي سگهن، اهي قراردادون پنهنجي جاءِ تي موجود آهن. پاڪستان ڪشميرين جي جدوجهد جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت کي پنهنجو فرض سمجهڻ ۽ اهو حق ادا ڪندو رهندو، اسان اهو مطالبو ڪيون ٿا ته ڪشمير جي حوالي سان گڏيل قومن جي ٺهرائن تي عمل ٿيڻ گهرجي، دنيا ۾ هن وقت مسلمانن جو رت وهي رهيو آهي. هن چيو ته او آءِ سي کي اپيل ڪيون ٿا ته هو عملي طور تي مظلوم مسلمانن جي ڀرپور نمائندگي ڪري ۽ عملي قدمن کڻي. هن چيو ته ڄمون ڪشمير هڪ جيل جو منظر پيش ڪري رهيو آهي، اسان کي ڪشميرين تي فخر آهي جن بهادري سان هر ڏاڍ جو مقابلو ڪيو ۽ ڪشمير بني گا پاڪستان جو نعرو بلند ڪري رهيا آهن. هن چيو ته ڀارت پنهنجي مظلم تي پردو وجهڻ لاءِ ان جدوجهد کي ڪڏهن دهشتگردي جو نالو ڏئي ٿو ۽ ڪڏهن ان جو الزام پاڪستان تي لڳائي ٿو، پنهنجي حق لاءِ جدوجهد دهشتگردي ناهي، دهشتگردي جو شڪار ته پاڪستان آهي. هن ڪشميرين کي خاطري ڪرائي ته هو ڪشمير تڪرار جي پرامن حل تائين ڪشميرين جي جدوجهد جي حمايت جاري رکندا. هن چيو ته 5 آگسٽ جي قدمن جي مذمت طور هر سال يوم استحصال ملهايو ويندو آهي، سڄي دنيا ۾ انهن قدمن خلاف پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائيندا آهن. وزيراعظم هن ڀيري خاص هدايتون جاري ڪيون آهن ته سڄي ملڪ مان ڪشميرين کي اهو پيغام وڃڻ گهرجي ته اسان انهن سان گڏ آهيون. قومي اسيمبلي، سينيٽ ۽ صوبائي اسيمبلين کي به ڪشميرين جي حق ۾ قراردادن جي منظوريءَ جي هدايت ڪئي آهي. قومي اسيمبليءَ ۾ اڄ سومر تي قرارداد پيش ڪئي ويندي، ان ۾ حڪومت ۽ مخالف ڌر جا ميمبر صحيحيون ڪندا. امير مقام چيو ته ڪشمير مسئلي تي سڄي قوم پنهنجي سياسي وابستگين کان مٿانهون ٿي هڪ هئڻ گهرجي. هن فلسطين جي حق ۾ به گڏيل قرارداد تي سمورين پارٽين جو ٿورو مڃيندي چيو ته اهو ئي پيغام ڪشميرين لاءِ به ويندو. هن چيو ته اسان سڄي دنيا ۾ پنهنجي سفارتڪارن کي به يوم استحصال ملهائڻ جي هدايت ڪئي آهي ته جيئن دنيا ۾ جمهوريت تي يقين رکندڙن کي اهو پيغام ڏنو وڃي ته هو ان سلسلي ۾ اسان جي حمايت ڪن. هن چيو ته ريڊيو پاڪستان کان ڊي چوڪ تائين واڪ جو انتظام ڪيو ويو آهي، پارليامينٽ ميمبر ۽ سياسي قيادت کي ان ۾ شرڪت جي درخواست ڪئي وئي آهي ته جيئن دنيا کي اهو پيغام وڃي ته ڪشمير جي مسئلي تي سموريون سياسي پارٽيون گڏ آهن. سموريون وزارتون ۽ کاتا به ان ۾ شريڪ ٿيندا. ان کان علاوه تصويري نمائش سميت ٻيون تقريبون به منعقد ڪيون وينديون. سڌ سماءَ واري وزارت جو به شڪريو ادا ڪندي هن قومي ميڊيا کي خاص پروگرام هلائڻ جي هدايت ڪئي ته جيئن ان ذريعي دنيا کي ڪشمير ۾ ٿيندڙ ظلم بابت آگاهه ڪري سگهجي. پي آءِ اي، اين ايڇ اي، ميٽرو سميت هر کاتي کي چيو ته هو ان ڏينهن جي مناسبت سان بينر لڳائين. ڪشمير معاملن واري وزارت موڪل باوجود ان ڏينهن جي تيارين لاءِ قدم کڻي رهي آهي جنهن تي مان سمورن ملازمن جو ٿورائتو آهيان. هن چيو ته پاڪستان ساهه جي آخري گهڙي تائين ڪشميرين جي آزادي واري جدوجهد جي حمايت جاري رکندو. حريت ڪانفرنس جي ڪنوينر غلام محمد صفي چيو ته ڀارت 5 آگسٽ 2019ع جو قدم اسرائيلي ماڊل تحت اختيار ڪيو آهي، ڀارت ڪشمير ۾ آبادي جو تناسب تبديل ڪرڻ چاهي ٿو.

مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے نتائج
متعلقہ مضامین
مزید خبریں