GAMES Catalog
10 Mahjong 2 Player 2048 3d Mahjong Addition Adventure Time Alien Alphabet Animal Apple & Onion Arcade Archery Art B& W Mahjong Barbie Base Defense Baseball Basketball Batman Battleship Beat Em Up Ben 10 Bike Bingo Blackjack Board Games Boat Bowling Boxing Breaker Brick Breaker Bubble Shooter Bugs Bunny Bunnicula Car Card Cartoon Cat Chain Reaction Chess Chhota Bheem Christmas Clarence Classic Clicker Color Coloring Comics Connect 3 Connect the Dots Cooperative Cowboy Craig of the Creek Crash & Bernstein Cricket Cross the Road Crossword Darts Dennis & Gnasher Descendants Destruction Dice Digging Disney Division Dog Dominoes Dora Drawing Dress Up Driving Easter Education Environmental Escape Exclusive Fairly OddParents Fighting Filling Find Differences Fishing Flappy Bird Floogals Flying Food Football Freecell Solitaire Frozen Fungies Funny Gambling Gamer's Guide Geography Geometry Girl Golf Golf Solitaire Grabber Mahjong Grizzy & the Lemmings Gumball Gun Halloween Hand Drawn Health Helicopter Henry Danger Hexjong Hidden Object Hockey Holiday Idle Independence Day Inspector Gadget Isometric Jigsaw Puzzles Jumping Kids Kindergarten Klondike Solitaire Knife Throwing Knight LEGO Logic Looney Tunes Loud House Mahjong Mahjong Connect Mahjong Sequence Mahjong Slide Mahjong Solitaire Mao Mao Master Moley Math Maze Maze Attack Memory Merge Mighty MagiSwords Minesweeper Mobile Motorcycle Movie Mr. Bean Multiplication Muppets Music Neon New Years Ninja Nonograms Numbers Parking Path Making Pattern Penn Zero Phonics Physics Pin Pull Pinball Pirate Pixel Platform Plumber Poker Police Pool Powerpuff Girls Preschool Puzzle Pyramid Solitaire Quiz Racing Ragdoll Reading Regular Show Religious Rotate Puzzle RPG Running Rusty Rivets Sandbox Sanjay & Craig Science Scooby Doo Shooting Simulation Skateboard Slicing Slide Puzzles Slots Smurfs Snake Snow Soccer Sofia the First Sokoban Solitaire Sorting Space Spelling Spider Man Spider Solitaire SpongeBob Sports St Patrick's Day Stacking Star Star Wars Steven Universe Stickman Strategy Subtraction Sudoku Survival Swimming Sword Taffy Tangram Tank Tap Teen Titans Go Tennis Tetris Thanksgiving TMNT Tom & Jerry Tower Mahjong Traffic Management Train Transformers Tripeaks Solitaire Triple Mahjong Truck Tycoon Typing Uncle Grandpa UniKitty Valentine's Day Victor & Valentino Viking Wacky Races Water Watermelon We Bare Bears Wizard of Oz Word Word Search Zombie
گیم کی معلومات
نیا بونس سلاٹ گیم بڑا انعام کیسینو خوش قسمت انعام اسپن روزانہ انعام کے ساتھ کھیلیں بڑا خزانہ جیتیں ٹاپ انعام جیک پاٹ مقبول نئے سلاٹ گیم مشہور ایڈونچر گیم مفت سلاٹ کا تجربہ سلاٹ گیمز مفت سلاٹ مشین آن لائن جوا کیسینو کھیل بہترین سلاٹ گیمز جیک پاٹ جیتیں گیمز ڈاؤن لوڈ کریں موبائل کیسینو گیمز نئی سلاٹ مشین انعامات کے ساتھ کھیلیں سمندری ڈاکو خزانہ گیم

نگران وزيراعظم ۽ نگران پرڏيهي وزير پاڪستان پاران ايران ۾ دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي نشانو بڻائڻ کانپوءِ ٿيندڙ اڳڀرائي جي روشني ۾ پنهنجا غيرملڪي دورا مختصر ڪري ڇڏيا آهن: پرڏيهي آفيس ترجمان

image

اسلام آباد – 18 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ۽ نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني پاڪستان پاران ايران ۾ دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي نشانو بڻائڻ کانپوءِ ٿيندڙ اڳڀرائي جي روشني ۾ پنهنجا غيرملڪي دورا مختصر ڪري ڇڏيا آهن. پنهنجي هفتيوار پريس بريفنگ ۾ ترجمان چيو ته پاڪستان جي ڪارروائي ايران جي خلاف نه پر دهشتگرد تنظيمن جي خلاف هئي. پاڪستان پنهنجي پاڙيسري ملڪ ايران سان پرامن لاڳاپن جو خواهشمند آهي ۽ سدائين ڳالهه ٻولهه ذريعي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. هن چيو ته پاڪستان اسلامي جمهوريه ايران جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جو مڪمل احترام ڪري ٿو. اڄ جي ڪارروائي جو واحد مقصد پاڪستان جي پنهنجي سلامتي ۽ قومي مفاد جو تحفظ آهي، جيڪو سڀ کان مٿانهون آهي ۽ ان تي ٺاهه نٿو ڪري سگهجي. ترجمان پاڪستان پاران ايران جي صوبي سيستان ۽ بلوچستان ۾ انتهائي ٺوس ۽ خاص هدف تي ٻڌل فوجي حملن جي ڪجهه ئي دير کانپوءِ جاري ڪيل پنهنجي بيان جو ورجاءُ ڪيو. هن چيو ته نگران وزيراعظم هن وقت ورلڊ اڪنامڪ فورم ۾ شرڪت جي لاءِ ڊيووس ۾ آهي. جڏهن ته نگران پرڏيهي وزير غيروابسته تحريڪ جي سربراهي اجلاس ۽ ٽئين سائوٿ سمٽ ۾ شرڪت جي لاءِ يوگنڊا جي دوري تي آهي. هنن موجوده صورتحال جي ڏس ۾ پنهنجي دورن کي مختصر ڪري ڇڏيو آهي. ترجمان جاري صورتحال ۾ ڪنهن ٽئين ڌر جي ثالثي بابت پڇيل سوال تي چيو ته کيس اهڙي ڪنهن به اڳڀرائي جي ڄاڻ نه آهي. هن چيو ته پاڪستان ايران جي عوام کي دوست ۽ ڀائر سمجهي ٿو ۽ صورتحال کي وڌيڪ خراب ڪرڻ ۾ ڪا دلچسپي نٿو رکي. اميد آهي ته ٻي ڌر به ان ڳالهه کي سمجهندي. هن چيو ته پاڪستان سدائين ڳالهه ٻولهه جي رستي جي چونڊ ڪئي آهي ۽ هو امن قائم ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ايران سميت پاڙيسري ملڪن سان رابطا جاري رکندو. ترجمان چيو ته ”مرگ بر سرمچار“ هڪ انٽيليجنس تي ٻڌل آپريشن هو، جنهن ۾ ڪيترائي دهشتگرد ماريا ويا. ترجمان ميڊيا کي ٻڌايو ته گذريل ڪيترن ئي سالن کان پاڪستان مسلسل پنهنجي سنگين خدشن جو اظهار ڪيو آهي ۽ ايران جي اندر پاڻ کي سرمچار رکندڙ پاڪستاني ڄائي دهشتگردن جي محفوظ پناهگاهن ۽ ٺڪاڻن بابت ٺوس ثبوتن سان گڏ ڪيترائي ڊوزيئرز شيئر ڪيا آهن. جيتوڻيڪ اسان جي سنگين خدشن تي عمل نه ٿيڻ جي ڪري اهي نام نهاد سرمچار بيگناهه پاڪستانين جو وهائيندا رهيا. اڄ صبح جي ڪارروائي انهن نام نهاد سرمچارن پاران وڏي پئماني تي دهشتگردي جي ڪاررواين بابت تصديق ٿيل انٽيليجنس جي روشني ڪئي وئي. هن چيو ته هي ڪارروائي پاڪستان جي هٿياربند فوج جي پيشيواراڻي مهارت جو ثبوت هجڻ سان گڏوگڏ سڀني خطرن جي خلاف پنهنجي قومي سلامتي جي تحفظ ۽ دفاع جي لاءِ پاڪستان جي اڻٿڪ عزم جو به مظهر آهي. پاڪستان پنهنجي عوام جي تحفظ ۽ سلامتي جي لاءِ سمورا ضروري قدم کڻندو رهندو. پاڪستان ڪڏهن به پنهنجي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت کي ڪنهن به بهاني يا صورتحال ۾ چئلينج ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندو. ترجمان چيو ته عالمي برادري جي هڪ ذميوار ميمبر جي حيثيت سان پاڪستان گڏيل قومن جي چارٽر جي اصولن ۽ مقصدن بشمول ميمبر ملڪن جي علائقائي سالميت ۽ خودمختياري جو احترام ڪري ٿو. هڪ سوال ته ڇا ايران پاڪستان جي فضائي حدن جي خلاف ورزي ڪرڻ کان اڳ اڳواٽ اطلاع ڏنو هو؟ ترجمان چيو ته بلڪل به ڪو اطلاع نه ڏنو هو. هن مند پشين بارڊر مارڪيٽ ۽ پولان گبد ٽرانسميشن لائين جو حوالو ڏيندي چيو ته پاڪستان ايران سان واپار ۽ توانائي جهڙن ڪيترن ئي موضوعن تي رابطي ۾ رهيو آهي پر ٻه ڏينهن اڳ جيڪو ٿيو اهو حيران ڪندڙ هو. غزه جي صورتحال تي هن چيو ته 14 جنوري 2024ع انساني ضمير جي لاءِ هڪ تڪليف ڏيندڙ ڏينهن هو، اهو فلسطين جي خلاف اسرائيل جي جنگ جو 100 هون ڏينهن هو، جنهن غزه ۾ 24 هزار کان وڌيڪ جانيون وٺي ڇڏيون آهن، اهو انگ هر گذرندڙ ڏينهن سان گڏ وڌي رهيو آهي، اسرائيل پاران ظلمن جو سلسلو ختم ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته عالمي برادري کي فلسطيني عوام کي وحشياڻي ڪاررواين کان بچائڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. هن جنوري 1990ع دوران ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي فوج پاران ڪيل قتل عام جو به ذڪر ڪيو، جنهن ۾ اٽڪل 100 ماڻهو شهيد ٿيا هئا. قتل عام جي شهيدن کي شاندار خراج عقيدت پيش ڪندي ۽ ذميوارن جي خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪندي ترجمان ان ڳالهه تي جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.

مضمون کا ماخذ : jogos de raspadinha
متعلقہ مضامین
مزید خبریں